سنڌ اسيمبلي جي ڪالهه واري سيشن ۾ حڪومتي ڌر توڙي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ذميواريون نڀائڻ ۾ منجهيل نظر آيا، جنهن جو وڏو ۾ وڏو ڪارڻ تياري ڪري نه اچڻ ئي ٿي سگهي ٿو، ڪروڙين انساني آبادي واري صوبي سنڌ جيڪو پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ جواعزاز رکندڙ صوبو پڻ آهي، ان صوبي جي مقدس ايوان کي هلائڻ لاءِ اهم اسپيڪر پنهنجون ذميواريون نڀائي چڪا آهن، جن مان گذريل هڪ ڏهاڪي کان هڪ سلجهيل ۽ سينيئرسياستدان اسپيڪر آغا سراج دراني جو نالو شامل آهي، جنهن سخت اپوزيشن ۾ به پنهنجي ذميواري خوش اصلوبي سان نڀائي، جنهن مشڪل وقت ۾ ايوان جي ڪارروائي اهڙي طرح هلائي جو حڪومتي توڙي مخالف ڌر سندس ذميوارين کي نڀائڻ جي ڏانءَ کي ساراهڻ کان نه رڪجي سگهيا، پر تازو اليڪشن 2024 ۾ وڏي پئماني تي ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي تجربو ڪندي نوان چهرا متعارف ڪرايا، جنهن تحت اسپيڪر سکر مان چونڊيل سيد اويس قادر شاهه ۽ اقليتي مخصوص سيٽ تي آيل نويد انٿوني کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو آهي، جيڪي ذميواريون نڀائڻ لاءِ نوان آهن، جنهن جي جهلڪ ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي هلائڻ دوران نظر آئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڊي جي ڪارروائي دوران مخالف ڌر جي ميمبر ريحان اڪرم پينو فقيرن خلاف ڪارروائي لاءِ خانگي ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪيو ته اسپيڪر اويس قادر شاهه رولز تحت سرڪاري ڌر جي پارلياماني وزير ضياءَ الحسن لنجار کان حمايت يا مخالفت بابت پڇائي نه ڪئي ۽ ايئن ٺهراءَ تي ميمبر کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، جنهن بعد ٻين ميمبرن به ٺهراءَ تي ڳالهايو ۽ پوءِ ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪري پاس ڪرايوويو، ٺهراءَ تي ميمبرن جي ڳالهائڻ دوران اڳوڻي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا بار بار اسپيڪر ڏانهن چٺيون موڪلي کيس معاملن کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو، ان بعد پ پ ايم پي اي سيده ماروي فصيح آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير ان جي مخالفت ڪئي، ان دوران اسپيڪر اويس قادر شاهه سيٽ تان هليوويو ۽ اسپيڪر جي سيٽ ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني سنڀالي، کيس ڪارروائي بابت سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق آگاهه ڪيوپر ڊپٽي اسپيڪر سمجهي نه سگهيو، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر ميمبر کي هدايت ڪئي ته هو ٺهراءَ کي واپس وٺڻ لاءِ موشن موو ڪري، ان تي متحده جي سينيئر ميمبر صابر قريشي ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميمبر موشن پيش نه ڪندو، ان دوران اڳواڻي وزير مڪيش ڪمار چاولا هڪ ڀيروٻيهر مداخلت ڪرڻي پئجي وئي هن متحده جي ميمبر کي چيو ته اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ نه ٿوڳالهائي سگهي، هن اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو رولنگ ڏئي، سرڪار ٺهراءَ جي مخالفت ڪري چڪي آهي، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر منجهيل رهيو، مخالف ڌر جا ميمبر توڙي سرڪاري ميمبر وچ ۾ ڳالهائيندا رهيا، جڏهن ته ماروي فصيح اسپيڪر کي چيو ته هو ٺهراءُ واپس وٺي ٿي ان بعد مڪيش ڪمار چاولا ۽ سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق جي مشوري تي ڊپٽي اسپيڪر ٺهراءَ کي رد ڪرڻ جي رولنگ ڏني.
سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي دوران اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران معاملا بهتر نموني نه سنڀالڻ ڪري نه هجڻ برابر مخالف ڌر سرڪاري ڌر کي منجهائي ڇڏيو، اهڙي طرح اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو.