ايراني صدر جي ھيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شھادت تي اٿندڙ سوال

تحرير:مسرور سيال 

آچر تي  آذربائجان ايراني سرحد تي ھڪ ڊيم جي افتتاح تقريب کان پوءِ  تبريز کان 100 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي سندس ھيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو جنھن جي ڳولا ۾ ايراني ريسڪيو کي وڏي تڪليف سان منھن ڏسڻو پيو موسم جي خرابي سبب ھي حادثو ٻڌايو پيو وڃي ساڻس پرڏيهي وزير حسين امير ، سپريم ليڊر جو نمائندو تبريز جو گورنر پڻ شامل آھن اجل جو شڪار بڻجي ويا جيتوڻيڪ حادثي جي اصل حقيقت اڃا سامھون نه آئي آھي تنھن ھوندي عام خيال آھي ته ايراني صدر سان تخريبڪاري ٿي آھي اھڙيون ڪاروايون اسرائيل اڳ به ڪندو رھيو آھي  ظاھر ڳالھه  کي واضح وري به ايراني ايجنسيون ئي ڪنديون ڏسجي ته هيلي ڪاپٽر حادثي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ابراهيم رئيسي هڪ ڀيرو ٻيهر ايران طرفان فلسطين جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو هو ته ”فلسطين مسلم دنيا جو پهريون مسئلو آهي.

ايراني صدر جي حادثي ۾ شھادت ايران لاءِ وڏو نقصان ته آھي پر خطي لاءِ به وڏو ھاڃو آھي ، ملڪ جي آئين موجب ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شھيد  ٿيڻ کان پوءِ 50 ڏينهن اندر نئين صدر جي چونڊ گهربل آهي ۽ ان وقت تائين ملڪ جي سپريم ليڊر آيت الله  علي خامنه اي جي منظوري کانپوءِ صدر جي چونڊ ٿيندي. خامنه اي جي فرمان سان  پهريون نائب صدر محمد مخبر  ملڪ جو  عبوري صدر نامزد ڪيو ويو آھي جنھن صدارتي منصب سنڀالي ورتو آهي .

اسلامي جمهوريه ايران جي آئين جي آرٽيڪل 131 موجب صدر جي وفات جي صورت ۾ ان جو نائب يا فرسٽ اسسٽنٽ قيادت جي منظوري سان سندس عهدو ۽ ذميواريون سنڀاليندو آهي ۽ مجلس جي اسپيڪر تي مشتمل هڪ ڪائونسل جوڙي ويندي آهي. ، عدليه جو سربراهه ۽ پهريون نائب صدر صدر جي موت کان پوءِ وڌ ۾ وڌ 50 ڏينهن اندر نئين صدر جي چونڊ ڪرڻ جو پابند آهي.

ابراهيم رئيسي جي پهرين نائب ٿيڻ کان اڳ، محمد مخبر دزفولي لڳ ڀڳ 15 سالن تائين اسلامي جمهوريه جي هڪ امير ترين معاشي گروهه جو سربراهه هو.  هي ادارو سڌو سنئون اسلامي جمهوريه جي سپريم ليڊر جي نگراني هيٺ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪنهن به اداري کي جوابده نه آهي، محمد مخبر  جولاءِ 1955ع ۾ پيدا ٿيو.  سندس خاندان مذهبي هو ۽ سندس والد شيخ عباس مخبر هڪ مبلغ ۽ عالم هو

محمد مخبر پنهنجي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم  مقامي اباڻي شھر ۾ ۽ اهواز ۾ مڪمل ڪئي.  ايراني ميڊيا موجب هن اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي، مئنيجمينٽ ۾ ماسٽر ڊگري ۽ مينيجمينٽ ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبابندي ۾ ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي.  هن بين الاقوامي قانون ۾ ڊاڪٽريٽ پڻ ڪئي آهي.

ايران لاڳيتو بين الاقوامي پابندين سان منھن ڏيندو پيو اچي جڏھن ته لاڳيتو سندن مک قيادتن تي حملا به ٿيندا رھيا آھن ان باوجود ايران جي قيادت حڪومت ۽ عوام وڏي حوصلي کان ڪم وٺندي پئي اچي ملڪ جي  صدر جي ھن حادثي ۾ شھيد ٿيڻ کان پوءِ ايران جي دردن ۾ اضافو ٿيو آهي پر وري به ڏسجي ته ايران جي قيادت ۽ عوام پاڻ سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿي .سندن سپريم ليڊر جي نگراني ۾ تربيت يافته  ٽيم ھر وقت تيار ۽ موجود رھي ٿي جيڪا ڪنھن به  اڻ وڻندڙ حالتن کي منھن ڏئي ملڪ کي سنڀالي وٺن ٿا . ھتي ھي سوال پنھنجي جاءِ تي موجود آھي ته ايران جي صدر جي ھيلي ڪاپٽر سان حادثو آھي يا حملو ؟ ڪٿي ھي حادثو سازش ۽ ڪنھن رٿابندي تحت ته نه ھو ؟ ايران جي خاموشي ۽ خاص رد عمل به مونجھارا پيدا ڪيا آھن ڪٿي واقعي ئي ڪا سازش ھئي جنھن جون شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ ئي ايران پنھنجو رد عمل ظاھر ڪندو . حقيقت ۾ ڏسجي ته ايران کي لاڳيتو درد مليا آھن ۽ ايندڙ وقتن ۾  به کين شايد وڏن دردن سان منھن ڏيڻو پوي ان ڪري ته ايران جنھن رستي تي ھلي رھيو آھي اھو رستو عالمي طاقتن لاءِ خطري وارو رستو آھي . ايران جي استحڪامت دنيا ۾ تبديلي جو پيغام به آھي جيڪا ھاڻ گھڻو پري ناھي .

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.