ڪجھه وقت کان ڪڻڪ خريداري جي اسڪينڊل جا چرچا اسان جي ملڪ ۾ ھلي رھيا ان جو شايد اھوئي نتيجو ڪرندو جيڪو ھميشه نڪرندو رھيو آھي. ٻئي پاسي حڪومتي سطح تي ٿڌائي ماٺار مان اندازو ٿئي ٿو ته ان اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻھو حڪومتي ڌرين کي ويجھا آهن ان ڪري انھن خلاف ايڪشن کڻڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آھي سو به ايئن آھي جيئن ھي شعر آھي پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾. حڪومت جي مجبوري جي عڪاسي ۽ ايڪسري مان بلڪل ظاھر ٿي پيو آھي اھا ڳالھه به پنھنجي جاءِ تي آھي پر ٻين ڪافي سياسي ماڻھن تي به ڇا لاءِ سڪتو ڇائنجي ويو آھي جيڪي اليڪشن جي ڏينهن ۾ هارين مزدورن لاءِ ھمدردي مٺڙن ۽ پيارن لفظن جا پالوٽ اٿلائيندا آھن اھي ڪال مارڪس، مائوزيتنگ، لينن ۽ ھوچي منهه جھڙو پاڻ کي پيش ڪندڙ ھارين جي حقن جي تحفظ جي دعوا ڪندڙ انقلابي سياسي پارٽين جا ليڊر به هن آبادگارن جي کليل استحصال تي مڪمل خاموش آهن.
ماضي جي تجربن مان گذربو ته خبر پو ندي ملڪ ۾ ڪنهن وڏي اسڪينڊل کان پوءِ ڪيس، انڪوائري، جاچ ڪميشنون رپورٽون طلب ڪيون وينديون آھن ساڳي وقت فوري ڪارروائي ڪرڻ وغيره جا اعلان ۽ خبرون رپورٽ ڪيون وڃن ٿيون، پر تجربو ٻڌائي ٿو تڪڙو انصاف ملڻ ڏاڍو مشڪل ھوندو آھي ان ڪري مسئلا ڪجھه وقت ۾ لئي مٽي ٿي وڃن ٿا. ھي ڪڻڪ جو اسڪينڊل ھتي ڪو نئون نه آهي، خبر پوندي جيڪو ملڪي 76 سالن کان جاري آهي ڪڏهن ڪڻڪ گهٽجي وڃي ٿي ته ڪڏهن وڌي وڃي ٿي،ايئن ڪڻڪ جي صحيح امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تقريبن نٿي ٿئي ان جو وڏو سبب ملڪي حڪمرانن جي صفن ۾ مافيائون جو ھجڻ آھي ڇوته موجوده 13 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري مان 4 لک ٽن اضافي خريداري جي جانچ جو ايستائين ڪو نتيجو ناھي نڪتو وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏنو آھي پر تنھن ھوندي وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ امپورٽ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ کي ٽي ھفتا گذرڻ باوجود جيڪو سامهون اچي نه سگهيو آھي شايد ان جو سبب به اھو آھي ان ۾ ملوث حڪومتي نورنظر بااثر آھن ان ڪري ڪڻڪ جي خريداري جي جاچ هن وقت تائين شروع نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته ايم ڊي ۽ جي ايم پاسڪو کي هٽائڻ کانپوءِ نئين ايم ڊي جي مقرري جو عمل هن وقت تائين نه ٿي سگهيو آهي تنھنڪري اھو معاملو ايستائين ڪنهن نتيجي تي نه پهتو آهي پر اھا مڃڻ جھڙي ڳالھه آھي هارين جي احتجاج ۽ اخبارن ۾ خبرن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف فيبروري 2024ع کانپوءِ ڪڻڪ جي درآمد جاري رکڻ جي جاچ جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪئي ھئي پر ايستائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي
ساڳي وقت موجوده ڪڻڪ اسڪينڊل جتي آبادگارن جي ڪجھه وقت اڳ لٿل ڪڻڪ جي اگھه تي اثر انداز ٿيو آھي ايئن وياج خور ۽ ذخيرا اندوز مافيا جي چاندي ٿي پئي آھي انھن سستي ڪڻڪ وٺي آرام سان گدامن کي ڀري ڇڏيو آھي جيڪا ڪجھه وقت کان پوءِ وڏي اگھه تي وڪڻندا اھو ملڪي زراعت تي ھڪ کليو وار جي برابر آھي پاڪستان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت اسان جي قومي ترقي جي جان آهي ۽ ملڪ جي معيشت جي پٺي جي هڏي به آهي، ملڪ جي 25 ڪروڙ ماڻهن جي اڪثريت زراعت ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ روزگار سان آهن مجموعي قومي پيداوار ۾ زرعي شعبي جو حصو آهي جڏهن ته ملڪي برآمدات جو 60 سيڪڙي کان وڌيڪ حصو زراعت مان حاصل ڪيو وڃي ٿو، پر ڄاڻايل حڪومت جي ڪڻڪ جي اضافي خريداري ھارين جو ساھ سڪائي ڇڏيو آھي ان عمل کين وياج خورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آھي
زراعتي شعبي کي فعال ڪرڻ لاءِ ضروري ھجي ٿو ته ملڪ جي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي خاطر بين الاقوامي معيار جي زرعي شين جي پيداوار جيڪي غير ملڪي مٽا سٽا پيدا ڪرڻ سان ٿئي ٿو ان مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطر ان تي عمل ٿيڻ کپي ھا پر بدقسمتيءَ سان حڪمران خاندانن هارين جي مسئلن کي نعرن جي صورت ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ هارين کان ووٽ حاصل ڪيا آهن، پر اھي ننڍن زميندارن ۽ هارين جي مسئلن کي نه صحيح سمجھي سگھيا آھن نه وري سنجيدگي سان ان کي حل ڪرڻ تي ڪڏهن به ڌيان اٿن ، هن زرعي ملڪ کي وسيلن جي ھوندي جبري طور ان اسڪينڊلن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي صنعتي رياست، جيڪا بری طرح ناڪام ٿي رھي آھي.
ملڪ کي زرعي شعبي ۾ جيتري ترقي ڪرڻ کپي ھا ايتري ترقي نه ٿي سگهي آھي ساڳي وقت اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ بلوچستان ۾ زرعي ۽ صنعتي ترقي جي حوالي سان وقت جي حڪومتن ۽ توسيعي ارادري طرفان به ڪي خاطر خوان اپاء ناھن ورتا ويا ان ڪري ھڪ طرف ملڪ ۾ خوراڪ جو بحران ۽ مھانگائي رھي ٿي ساڳي وقت بيروزگاري جو ڀوت بوتل مان نڪري چڪو آھي جيڪو نوجوانن ۾ بيچيني جو سبب بڻجندو رھي ٿو گھٽ ۾ گھٽ پنجاب ۾ ڪجھه فرق آھي اتي زراعتي ترقي سٺي آھي ۽ صنعتي ترقي ۾ به باقي ٻين صوبن کان بھتري آھي جڏھن ته ٻين صوبن ۾ ڪارخانن جو لاڙو نه ھجڻ جي برابر آھي ان ڪري نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري جي آسري ۽ ڳولا ۾ پنھنجو وقت صلاحيتون برباد ڪري ڇڏيندا آھن اتي اسان جو حڪمران طبقو بدلجندڙ پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي تباھي کان بچائڻ لاءِ ڪي ڪوششون ڪرڻ کان لاچار رھيو آھي رياستي حڪومتون ڪڻڪ خريداري تي ڪڏھن به خاطرخواه عمل نه ڪرائي سگھيون آھن ان ڪري ھن زرعي رياست جو هاري زميندار طبقو پنهنجي ملڪ جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون نٿو ڪري سگھي ڪڻڪ جي غلط ايڪسپورت امپورٽ پاليسين سھولتن جي اڻ ھوند مراعتن جي نه ملڻ سبب ا ھو سڀڪجھه ٿي رھيو آھي تنھنڪري آبادگار اناج پوکڻ کي گھٽ ترجيح ڏيندو رھي ٿو ٻئي پاسي ايئن هر ايندڙ حڪومت پنهنجي اڳين کان وڌيڪ ملڪ جي زراعت ۽ هارين کي نقصان پهچايو آهي جنھڪري ھاري اڳي به روئي رھيا ھئا هن وقت به زرعي گهرجن ۾ گهٽتائي هارين جي چيلھه ڀڃي ڇڏي آهي. فصل پوکڻ وقت هو بليڪ مارڪيٽ مان مهانگو ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن کان به وڌيڪ مهانگيون آهن، جڏهن ته وڏي خرچ جي باوجود کين خالص زرعي دوائون به ميسر ناهن انهن تمام ڏکين حالتن مان گذرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن هاري کي سٺو فصل ملي ٿو ته پوءِ حڪومتن جون هاري مخالف پاليسيون منظر عام تي اچي وڃن ٿيون ۽ هارين کي سندن زرعي پيداوار جو مناسب اگهھ نٿو ملي. حڪومتي سطح تي هارين جو معاشي استحصال ۽ مايوسي هن سال جي ڪڻڪ جي فصل جو اگهھ واضح مثال آهي، ھن وقت سمورين زرعي ضرورتن جي اڻھوند، بجلي جي اگهن ۾ واڌ پاڻي کوٽ جي باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگھه ۾ گذريل سال ڀيٽ ۾ گھٽتائي ڪئي وئي آھي ساڳي وقت نقلي ٻج ڀاڻ جي ڀرمار آھي انھن جا اگهھ آسمان تي ھجڻ پاڻي جي کوٽ قدرتي آفتن سبب زراعت کي ڌڪ لڳي ٿو جنھن آبادگارن کي نقصان ڏنو آھي ٻئي پاسي حڪومتي سطح تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ سستي ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خور مافيا کي ھڪ کلي ڇوٽ ملي ٿي ھو نه فقط وياج جي موٽ ۾ سستي ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪري ٿو پر اڳتي ھلي اناج مھانگو ڪري ٿو .
موجوده وقت ۾ آبادگارن کان 32 کان 34 سو روپيا ڪڻڪ جو ھڪ مڻ خريد ڪيو ويو آھي پر ساڳي وقت انھن منافعي خورن سارين جي ٻج ھائبريد جي 10 ڪلو واري ٿيلي 18 ھزار روپين ۾ ڪري ڇڏيو آھي اھي سري عام مافيائون وڪڻن ٿيون جيڪو کليو تضاد آھي پر سيزن جي ختم ٿيڻ جي خوف کان مجبور آبادگار ان کي به خريد ڪرڻ تي مجبور آھي پر حڪومت ان سلسلي ۾ ڪي به اپاءَ نٿي وٺي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي مستقبل جي وڌندڙ انساني آبادي کي نظر ۾ رکندي حڪومتون ملڪي خوراڪ جي پورو ڪرڻ خاطر ڪڻڪ سارين جي پوکائي ۾ آبادگارن کي سھائتا ڏيئي ساڳي طرح ڪڻڪ لھڻ شرط آبادگارن کان سڌي طرھ ڪڻڪ وڏي مقدار خريداري ڪري سرڪاري گدام ڀريا وڃن جيئن ذخيرا اندوزن ۽ وياج خورن جي رستا روڪ ٿي سگھي ۽ اناج جي بحران جو ھميشھ لاءِ خاتمو اچي وڃي.