اسانجي سياري جا چنڊ تي پهچڻ جا ڪرشما !

تحرير: امر جليل

هيءَ حيرت انگيز، يقين نھ ڪرڻ جوڳي ڳالھھ گھڻي پراڻي نھ آھي،گذريل هفتي جي ڳالھھ آھي،  هڪ کان پوءِ هڪ عقل دنگ ڪري  ڇڏيندڙ ماجرا ۽ واقعا ٿيا هيا. مان بدبخت پوڙهو ٿيڻ ڪري ويسارو ٿي پيو آهيان ۽ ٻن اعصابي ڊاڪٽرن وٽ علاج هيٺ آھيان، هڪ آهي نيورو فزيشن ۽ ٻيو نيورو سرجن آھي. ٻنهي ڊاڪٽرن متفقه فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. متفقه فيصلي موجب مان تيزيءَ سان ويسارو  ٿي رهيو آهيان. مان گهڻو ڪجهه وساريندو پيو وڃان.هتي هڪ راز جي ڳالهھ ٻڌائي ڇڏيان مان اوھان کي. دنيا ۾اسان کي  سڀ ڏک سک ياد رکڻ لاءِ نٿا ملن.ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ اسان کان ٿيل ڀل چُڪ ضمير تي بار بڻجي ويندي آھي.پر ويسارو بڻجڻ کان پوءِ ڪيل خطائون اسين وساري ويهندا آهيون.تڏھن  ضمير جو بار ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جو سبب نه بڻجندو آھي. گنهگار ھئڻ باوجود اسين پاڻ کي ھلڪو ڦلڪو محسوس ڪندا آھيون.اوهان تي مان اھو بھ آشڪار ڪري ڇڏيان تھ ويسارو ۽ غافل ٿي وڃڻ بعد اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڀيانڪ خال محسوس ڪرڻ لڳندا آھيون، جيڪڏهن توهان جزوي طور تي ويسارا آھيو تھ پوءِ بيچيني ڪري ڇڏڻ جھڙي ڪيفيت اوھان صرف پوڙھائپ ۾ محسوس  ڪريو ٿا. اھڙيون انوکيون ڪيفيتون جواني ۾ محسوس نٿا ڪريو.گذريل هفتي جيڪو ڪجهھ ٿيو،اھو ڪرشمي کان گھٽ نھ ھو.مڪمل طور ويسارو ٿي وڃڻ باوجود گذريل ھفتي نروار ٿيندڙ ھر ھڪ ڪرشمو مونکي ياد آھي.

مونکي يقين نه ٿو اچي گذريل ھفتي نروار ٿيل واقعا اوهان ياد ناهي رکيا. اھو سڀ ڪجهه جادو ھو. حيران ڪندڙ واقعا ياد ھئا. اهڙي روئيداد،اھڙيون ماجرائون اوھان ڪئين وساري سگھو ٿا ؟ مون کي سڀ ڪجهھ ذرو پرزو آهي، توهان کي ياد ھجي يا نھ ھجي. اسان جي سائنسدانن تاريخ رقم ڪئي ھئي. اسان جو  تيار ڪيل ننڍڙو سيارو چنڊ تي لٿو  هو.

فقير جي ڳالهه ٻڌي اوھان فوري طور تي نھ کلجو، مڃون ٿا تھ ڪئين ترقي يافتھ ملڪ پنهنجا پنھنجا سيارا خلا ۾ موڪلي چڪا آهن. پر اسان جي سياري جي ڳالهھ ئي ٻي آھي، نيل آرم اسٽرانگ جڏھن چنڊ تي قدم رکيو ھو تڏھن پرٿويءَ تي ڪجهه غير معمولي نه ٿيو ھو. ڪٿي به ڪو ٻرندڙ آتش فشان نھ ڦاٽا ھئا ۽ نه ئي ڪي طوفان آيا هئا. نه ئي وڄ سان آسمان مان ڪو چشمو وسيو هو ۽ نه ڪو سونامي آيو ھو. زمين تي ڪجهھ  به غير معمولي نھ ٿيو ھو. پر چنڊ تي اسان جي سياري جي لھڻ بعد اسان جي سرزمين پاڪستان تي ھڪ کانپوءِ ھڪ ڪرشما ڏٺا ھئا. جيتوڻيڪ اها ڪا گھڻي پراڻي ڳالھه نھ آهي. اٺ ڏهه ڏينهن اڳ جي  ڳالهه آهي. مون کي اهو سڀ ڪجهھ ياد آهي، توهان کي ياد  ھجي يا ياد نھ ھجي.

پاڪستان ۾ پنجاھ لک پرائمري ڪلاس جا ٻارڙا ۽ نياڻيون کليل آسمان هيٺ زمين تي ويٺي تعليم حاصل ڪن ٿا. ٽيھھ کان چاليھھ  لک ٻاڙا ۽ نياڻيون گهر مان تڏي جو ٽڪرو ۽ ڦاٽل پراڻي ڳوڻين تي ويھي آسمان هيٺ تعليم سان مالا مال ٿين ٿا.د ميدانن ۾ لڳندڙ اڻ ڳڻين اسڪولن جا استاد ٽن ٽنگن واري  ٽٽل ڪرسي تي ويٺا آهن ۽ ڪرسي جي ڀڳلل چوٿين ٽنگ سان ٻارڙن ۽ نياڻين  کي مارين ۽ ڪٽين ٿا. وڻ جي ٿڙ تي ٽنگيل بليڪ بورڊ تي ٻارن لکي ڇڏيو آهي ”لب پي آتي ھئي دعا بن ڪي تمنا ميري. زندگي شمع ڪي صورت ھو خدايا ميري“.چنڊ تي سياري جي لهڻ جي دير هئي. سيارو چنڊ جي مٿاڇري تي لٿو. اکين ڇنڀ ۾ ئي ھزارين پرائمري اسڪولن جون عمارتون بڻجي ڪري تيار ٿي ويون.مناسب فرنيچر سان سجيل ڪلاس رومز ۾ ٻار ۽ ٻارڙيون علم جي زيور سان مالا مال  ٿي رھيا آھن.مسڪرائيندي استاد ٻارن کي پڙهائي رهيا هئا. اهو ڪو آسماني ڪرشمو نه هو. اهو اسان جي سياري جي چنڊ تي لھڻ جو ڪرشمو هو. ڏسندي ئي ڏسندي ڪرشمي يا ڪرشمن جو ڪاٿو ئي نھ رھيو. اسان آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ وارن قرضدار جيان نه هئاسين.اسان آءِ ايم ايف جي فنڊنگ ڪري رھيا ھئاسين.دوست ملڪ رحم کائي ڪري اسان کي مقروض نھ ڪري رھيا ھئا.ان جي ابتڙ اسان دوست ملڪن کي امداد ڪري رھيا ھئاسين ۽ انهن کي قرض ڏئي رهيا هئاسين. ڪنن کي يقين نھ آيو.

پر معلوم ٿيو ته ٻن روپين ۾ اڍائي ڪلو بصر مارڪيٽ ۾ وڪجي رهيو ھو.اڀري سڀري اگھه تي وڪامڻ واري  ڀاڄين ۽ ميون سان مارڪيٽ ڀري پئي هئي،اھو سڀ اسان جي سياري جي چنڊ تي لهڻ جو ڪرشمو هو.ڪڻڪ ۽ چانورن جي پيداوار سڄي دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.سڄي دنيا جي بکايل ملڪن کي اسين پاڻي جا جھاز ۽ ھوائي جھاز ڀري ڀري ڪڻڪ ۽ چانور مفت ۾ورھايا.اھو ڪمال بھ سياري جو ھو.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو حڪومت کي تڙتڪڙ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون  ھڪ ڏينھن جي اندر کولڻا پئجي ويا. ماڻهن کي صحتمند رکڻ لاءِ ملڪ ۾ اسپتالن جوڄار وڇايو ويو. اهو سڀ ڪجهه منهنجي سامهون ٿي رهيو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه سياري جي ڪري ٿي رھيو ھو.ڏسندي ئي ڏسندي غربت ۽ بيروزگاري، ملڪ کي ائين مان ايئن موڪلائي وئي ڄڻ ته اسين ڪڏهن به غريب ۽ بيروزگار هئاسين ئي نھ . مون کي ياد پيو اچي تھ جڏھن نواز شريف ھڪ جبل تي ايٽم بم ھلايو ھو، تڏهن ملڪ ۾ روزي روٽي جي لاءِ سڪندڙ ماڻهن جو تعداد، ڳڻپ حساب ڪتاب کان ٻاھر ھو. ملڪ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ٿورو ٿورو ايٽم بم کارايو ويو ۽ سڀ ڪنگلا  ائٽم بم جو هڪ ٽڪرو کائڻ کان پوءِ سڪون جي گھري ننڊ ۾ پئجي ويا.

منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو، اسان جڏهن به ايٽم بم، هائيڊروجن بم ۽ اک ڇنڀ ۾ ئي لکين بدبختن کي ڪنھن ڪناري لڳائڻ لاءِ، بم ۽ راڪيٽ ٺاهياسين، تڏهن قوم پنهنجا ڏک درد، بک ۽ بيروزگاري وساري ويٺي.سينو تاڻي بيھي رھي…… سبحان الله !!!

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.