آچر جي رات اڳوڻي ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر جي هارڊ لينڊنگ جي خبر اچڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمون ٻيلن ۽ جبلن جي گھري واري علائقي ۾ حادثي واري ھنڌ کي ڪلاڪن تائين ڳولينديون .سخت ڪوهيڙي ۽ برسات سبب ريسڪيو ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.ان دوران رڳو 5 ميٽر تائين نظر اچڻ ممڪن ھو.
ايراني اختيارين موجب حادثو آچر ڏينھن اوڀر آذربائيجان صوبي جي جالفا علائقي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن صدر رئيسي آذربائيجان ۽ ايران جي سرحد تي هڪ ڊيم جو افتتاح ڪري تبريز واپس وڃي رهيو هو. حادثي جو شڪار هيلي ڪاپٽر ۾ ايراني صدر سان گڏ ملڪ جو پرڏيهي وزير به سوار هئا.
ٽيڪ آف کان ڪجهه منٽ پوءِ، هيلي ڪاپٽر جلفا ۾ سخت ڪوهيڙي ۽ برسات جي ڪري ڪري تباهه ٿي ويو. هارڊ لينڊنگ جي خبر ملڻ تي ايران پاڙيسري ملڪن ترڪي، عراق ۽ آذربائيجان جي مدد سان وڏو سرچ آپريشن شروع ڪيو.
ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي IRNA موجب ريڊ ڪريسنٽ جي هيڊ آف آپريشنز رضيه عليشوندي چيو ته خراب موسم جي ڪري ٽيمن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي ۽ سرچ آپريشن ۾ ڊرون ۽ هيلي ڪاپٽر جو استعمال بھ ناممڪن آهي.ان وچ ۾ يورپي يونين اعلان ڪيو ته هن پنهنجي ميپنگ سروس کي چالو ڪيو آهي، جيڪو ڪوپرنيڪس جي نالي سان مشهور آهي، ايران جي درخواست تي صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر کي ڳولڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو ويو آھي. ڪوپرنيڪس سسٽم ‘سيٽلائيٽ اميجري’ ذريعي ميپنگ جي سروس مھيا ڪري ٿو.
رات دير سان، ريڊ ڪريسنٽ هيڊ ڪوارٽر اعلان ڪيو ته ترڪي ڊرون ٻن "هاٽ اسپاٽس” کي ڳولي ورتو آهي. انقلابي گارڊز جي هڪ ڪمانڊر به اھڙي تصديق ڪئي آهي. ترڪي طرفان موڪليل اھو ڊرون ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي واري هنڌ جي ڳولا ڪري رهيو هو. علائقي کي اسڪين ڪرڻ کان پوءِ، ڊرون هڪ ’ٿرمل سورس ‘ معلوم ڪيو ۽ ان هنڌ جي معلومات ايراني اختيارين سان شيئر ڪئي وئي.اهو هڪ ترڪي جو ھيراڪتراڪنسي ڊرون هو. جنهن سومر جي صبح اتر اولهه ايران ۾ ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر جي تباهي جي نشاندهي ڪئي.اهو هڪ هٿيارن سان ليس ڊرون آهي جيڪو 40 هزار فوٽ جي بلندي تي اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
نيراڪيتر اڪساني ڊرون ۾ ڪافي صلاحيتون آھن.جنھن ۾ جديد دور جي گھرج موجب سسٽم آھن.جنھن ۾ رات جي وقت ڪم ڪرڻ بھ شامل آھي.ھي ڊرون ترڪي جي ڊرون ٽيڪنالوجي صلاحيتن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري ٿو.
ڊرون، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 361 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين ھلڻ جوڳو آهي ۽ گهٽ رفتار تي علائقي کي موثر انداز ۾ اسڪين ڪري سگهي ٿو، ايران جي سرحد پار ڪري ترڪي جي شهر وان کان حادثي واري جاءِ تي سومر تي 12:45 تي پهچي ويو ھو. مقامي وقت مطابق 2 لڳي 36 منٽن تي پهريون سگنل ٻڌايو ويو ۽ فوري طور تي ايراني اختيارين سان انفارميشن شيئر ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ امدادي عملدار صبح 6 وڳي جي لڳ ڀڳ ملبي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.