اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي سعودي عرب طرفان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر جا فنڊ ملي ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ سعودي ناڻي واري وزارت طرفان هڪ ارب ڊالر جا فنڊ ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اها رقم سعودي حڪومت طرفان اعلانيل 3 ارب ڊالر ڊپازٽ جي ٻي قسط آهي.
پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته سعودي عرب طرفان 15 اپريل تي 2 ارب ڊالر اڳ ئي ملي چڪا آهن.
واضح رهي ته سعودي عرب پاران پاڪستان کي 3 ارب ڊالر فنڊز جي خاطري ڪرائي وئي هئي.
ٻئي پاسي ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو هو ته 5 ارب ڊالرن جي ڊپازٽ جي به سالياني رول اوور بدران 3 سالن جي واڌ ٿي ويندي، سالياني رول اوور بدران ان جي ميچورٽي 2028ع تائين ويندي.
ياد رهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي گذريل هفتي 2 ارب ڊالر ڊپازٽس 45 ڪروڙ وياج سان گڏ ادا ڪيا هئا، جڏهن ته يو اي اي جي هڪ ارب ڊالر جي ادائيگي 23 اپريل تي ٿيڻي آهي.
You might also like