حڪومت ۽ آءِ ايم ايف کان عوام کي رليف هضم نه ٿيو، سولر ۾ گراس ميٽرنگ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت سولر نيٽ ميٽرنگ کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي گراس ميٽرنگ سسٽم سان تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن شمسي توانائي جي استعمال کي روڪيو وڃي ۽ صارفين کي  ناقابل برداشت گرڊ سسٽم بجلي تي مجبور ڪيو وڃي. توانائي واري وزارت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي آگاهه ڪيو آهي ته نيٽ ميٽرنگ ڊسٽريبيوشن ڪمپنين (ڊسڪو) جي آمدني کي کائي رهي آهي. مقامي انگريزي اخبار رپورٽ موجب مجموعي طور صارفين کي پنهنجي ڇت مان پيدا ٿيندڙ سموري بجلي گرڊ تي وڪرو ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ اها بجلي واپس خريد ڪرڻي پوندي. ايندڙ مالي سال گراس ميٽرنگ لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي قدم سان گرڊ پاور جي قيمت جيڪا اضافي چارجز سان لڳ ڀڳ 62 رپيا في يونٽ اچي ٿي ان کان بچڻ لاءِ شمسي توانائي  استعمال ڪندڙ ماڻهن جي وڌندڙ تعداد جي جواب ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. بجلي واري وزارت آءِ ايم ايف کي ٻڌايو آهي ته سولر پينلز  سان گرڊ واري بجلي جي طلب کي نقصان پهچايو آهي ۽ گنجائش جي ادائيگين ۽ ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن ۾ ملڪ ۾ 6 هزار 800 ميگاواٽ سولر پينل درآمد ڪيا ويا آهن.  آءِ ايم ايف ناقص گنجائش جي ادائيگي کي بجلي جي قيمتن ۾ هڪ اهم عنصر طور ڏسي ٿو ۽ ڪئپٽيو پاور جنريشن پاليسي جو جائزو وٺڻ جي سفارش ڪئي آهي. جيڪو صنعتڪارن کي گھريلو بجلي لاءِ سستي گئس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. وزيراعظم نيٽ ميٽرنگ جي شرح جي ضابطن ۾ ترميم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. حڪومت ايندڙ مهيني هن ڪيپٽيو گيس پاليسي کي ختم ڪري سگهي ٿي، صنعتن کي گرڊ کان وڌيڪ مهانگي بجلي تي ڀروسو ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.