نگران دور ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ وزيرن جا تفصيل عام ڪرڻ جي هدايت

لاهور(م ڊ) پاڪستان انفارميشن ڪميشن (پي آءِ سي) ڪابينا ڊويزن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ته اڳوڻي نگران حڪومت جي  وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جا تفصيل هڪ مهيني اندر عام ڪري. مليل دستاويزن موجب ڪميشن مختار احمد علي بنام ڪيبينيٽ ڊويزن جي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته معلومات تائين رسائي جي حق ايڪٽ 2017 تحت ڪابينا ڊويزن کي پنهنجي ذميواري کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ته ڪابينا ڊويزن ڊويزن بئنچ ڪيس کي منظوري لاءِ وزيراعظم آڏو پيش ڪرڻ کان اڳ ڄاڻ گڏ ڪري ته اهي ٻٽي شهريت نه رکن ته جيئن مستقبل جي قانوني پيچيدگين کان بچي سگهجي، اها به بهتر حڪمراني جي گهرج آهي. وزيراعظم آئين تحت صلاحڪار ۽ خاص مددگار مقرر ڪري سگهي ٿو. اهو پڻ چيو ويو ته وفاقي ڪابينا جي 23 جون 2020 جي فيصلي نمبر 422/24/2020 ۾ اها منظوري ڏني وئي ته وزيراعظم جا سمورا صلاحڪار ۽ خاص مددگار پنهنجي شهريت جو اعلان ڪيبينيٽ ڊويزن ۾ ڪندا.ڪابينا ڊويزن انهن کان معلومات وٺندي آهي جڏهن انهن کي مقرر ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.