رياض(م ڊ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو هيليڪاپٽر لاپتا ٿيڻ کانپوءِ ايران جي خطي ۾ پراڻي حريف سعودي عرب ان کي هر ممڪن مدد جي فراهمي جي آڇ ڪئي آهي، اي ايف پي مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعودي مملڪت انهن مشڪل حالتن ۾ برادر ملڪ اسلامي جمهوريا ايران سان گڏ بيٺل آهي ۽ ايراني ايجنسين کي گهربل هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي