ملتان (م ڊ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي اڻڄاتل شخص طرفان ڌمڪي وارو پيغام وصول ٿيو آهي. ڌمڪي جوڳي پيغام تي يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي اڻڄاتل شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب پيغام ۾ قومي اسيمبلي ميمبر علي موسيٰ گيلاني جي حوالي سان ڌمڪي ڏني وئي، پيغام واري نمبر جي لوڪيشن خانيوال مان ٽريس ٿي. ايس پي طاهر مجيد جي سربراهي ۾ سي آءِ اي انچارج سميت پوليس اهلڪارن جي ٽيم جوڙي وئي آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.
-
ڪراچي پريس ڪلب پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تالابندي خلاف احتجاج جو اعلان
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تالا بندي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو. ڇنڇر جي رات ڪراچي پريس ڪلب ۾ جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار جي آزادي ڏئي ٿو. ڪراچي پريس ڪلب جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پريس ڪلب ڪوئيٽا کي بند ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل جي کليل ورزي آهي، ڪوئيٽا پريس ڪلب جي بندش صحافين کي خاموش ڪرڻ ۽ خوفزده ڪرڻ جي سازش آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سندن حقن تي حملي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن مطالبو ڪيو ته ڪوئيٽا پريس ڪلب کي تالا بندي جي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي. ڪراچي پريس ڪلب اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر تالا بندي ختم نه ڪئي وئي ته ڪراچي پريس ڪلب جي طرفان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
-
اسرائيلي چئنل پاران ايراني صدر جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ
تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي چئنل 12 پنهنجي نشريات ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي هيليڪاپٽر حادثي ۾ جان جي بازي هارائي ويو آهي،ايراني ميڊيا مطابق ايراني صدر حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ايران جي راڄڌاني تهران ۾ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي،ابراهيم رئيسي 1960ع ۾ ايران جي ٻئي وڏي شهر مشهد ۾ پيدا ٿيو ،سندس والد هڪ عالم هو، هڪ شاگرد طور هن مغربي حمايت يافته شاهه ايران خلاف مظاهرن ۾ حصو ورتو، انقلاب کانپوءِ هن عدليه ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ پراسيڪيوٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، ان دوران هو آيت الله خامنه اي جي تربيت هيٺ به رهيو جيڪو 1981ع ۾ ايران جو صدر بڻيو،رئيسي پاڻ کي هڪ ڪرپشن مخالف جنگجو طور پيش ڪيو هو، 2017ع جي اليڪشن ۾ هن 38 سيڪڙو ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو هو، 2019ع ۾ آيت الله خامنه اي کيس عدليه جي سربراهه جي طاقتور عهدي تي نامزد ڪيو، عدليه جي سربراهه طور رئيسي سڌارا لاڳو ڪيا جنهن جي ڪري ملڪ ۾ منشيات بابت ڏوهن لاءِ موت جي سزا ماڻيندڙن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي، رئيسي جي نجي زندگي جي باري ۾ تمام گهٽ ڳالهيون معلوم آهن سواءِ ان جي ته هن جي گهرواري جميله تهران جي شاهد بهشتي يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿي ۽ هن جون ٻه نياڻيون آهن، هن جو سهرو آيت الله احمد علم الهديٰ آهي جيڪو مشهد ۾ جمعي نماز جي امامت ڪندو آهي.