اسلام آباد(بيورو)آءِ ايم ايف پاڪستان کان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هٿرادو طور ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ نه ڏيکاري،پاڪستان کي پنهنجي نج عالمي سيڙپڪاري پوزيشن مضبوط ڪرڻي پوندي، عالمي اداري چيو ته پاڪستان کي ٻاهريون ذميواريون گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي،ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ عدم توازن جو خطرو وڌي رهيو آهي،درآمدي پابندين جي ڪري ايڪسچينج شرح ۾ لچڪ گهٽ ٿي رهي آهي،ايڪسچينج شرح جي ناڪافي لچڪ سان ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ عدم توازن وڌي رهيو آهي،عالمي اداري چيو ته پاڪستان تي مجموعي قرض جي ادائيگين جون وڏيون ذميواريون آهن،درآمدي پابندين لاءِ اضافي پاليسي ايڊجسٽمينٽ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي،عالمي اداري موجب 2023ع ۾ پاڪستان جي نيٽ انٽرنيشنل انويسٽمينٽ پوزيشن 131 ارب ڊالر هئي،مالي سال 2019ع کان 2022ع تائين سراسري پوزيشن 116 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي،2023ع ۾ پاڪستان ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري 28.8 ارب ڊالر رهي،پاڪستان جي نيٽ پورٽ فوليو سيڙپڪاري 9.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي،جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي ٻه ٽه ماهي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ معمولي سرپلس ٿيو،ٻي ٽه ماهي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 200 ملين ڊالر جو سرپلس رڪارڊ ٿيو،ان دوران ايڪسپورٽ ۾ اضافي سبب ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو،بقيه ٻن ٽه ماهين دوران درآمد ۾ اضافي جو اندازو لڳايو ويو، هلندڙ مالي سال پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس جي ڊي پي جو 0.8 سيڪڙو رهندو