ڪوئيٽا (رپورٽ: يار محمد بروهي) امير جماعت اسلامي نعيم الرحمان چيو آهي ته بلوچستان ۽ ان جي عوام کي عزت ڏيو، گمشدگين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. هن چيو ته هو بلوچستان حڪومت کان پڇڻ چاهي ٿو ته استادن ۽ ملازمن کي پگهارون ڇو نه پيون ڏنيون وڃن. هن چيو ته جماعت اسلامي هميشه انصاف ۽ عدل جي ڳالهه ڪئي آهي.ڪوئيٽا ۾ جماعت اسلامي پاران ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم چيو ته بلوچستان ۾ خوف ان حد تائين پکڙجي ويو آهي جو عوام ظلم خلاف آواز اٿاري نٿو سگهي، ايران سان دوستي کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سي پيڪ تي بلوچستان جي عوام جو به حق آهي، بلوچستان واسي ڪنهن به ملڪ خلاف ناهن،پر هنن جي روين خلاف آهن، نعيم الرحمان چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي کي بهتر بڻايو وڃي، جماعت اسلامي تعاون لاءِ تيار آهي. امير جماعت اسلامي وڌيڪ چيو ته مان توهان جو ڪيس مينار پاڪستان تي وڙهڻ چاهيان ٿو، پنجاب جو عوام به توهان سان گڏ بيٺو هوندو، حافظ نعيم چيو ته بلوچستان ۽ ان جي عوام کي عزت ڏيو، گمشدگين جو سلسلو بند ڪريو، هنن جو اتحاد تمام ننڍو آهي جلد ختم ٿي ويندو. حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته هر جاءِ تي سٺا بيوروڪريٽس ۽ سياستدان آهن، اليڪشن جي نالي تي جيڪو ڊرامو ٿيو ان جي ڪا به حيثيت ناهي، هنن فارم 47 جي بنياد تي اليڪشن کٽي، هي اليڪشن هارائي ويا، بلوچستان جي سموري حڪومت فارم 47 تي ٻڌل آهي . هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ مان ووٽ نه مليا پر پوءِ به اها قومي اسيمبلي ۾ ويٺي آهي، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ ختم ٿي چڪيون آهن، پاڪستان کي هڪ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان فساد پکيڙيندڙن جي حمايت نٿا ڪري سگهون، چين کي غلط فهميون ختم ڪرڻ گهرجن، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڀارت سان واپار ڪيو وڃي، جڏهن نون ليگ حڪومت ۾ ايندي آهي ته سندن پيٽ ۾ درد ٿيندو آهي.