بابر اياز جي تحقيق ۽ جدوجهد کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ گهرجي: ساڃاهه وند

ڪراچي (فوٽو گرافي ۽ رپورٽ ذوالفقار راڄپر ) صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن نامور روشن خيال صحافي، ليکڪ ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪن بابر اياز جي صحافتي، لکڻين، تحقيقي ڪمن ۽ سماج کي  تبديل ڪرڻ واري جدوجهد کي خراج پيش ڪندي ان کي  نئين نسل ۾ منتقل ڪرڻ ۽ کيس زنده رکڻ لاءِ ” بابر اياز يادگار ليڪچر“ پروگرامن جو سلسلو شروع ڪرڻ گهرجي ۽ بابر اياز جي اڻ ڇپيل لکڻين جا ڪتاب شايع ڪيا وڃن.صحافت، سياست ۽ روشن خيالي جي شمع کي روشن رکندڙ ليکڪن کي انهن جي زندگيءَ ۾ئي سندن غير معمولي جدوجهد، لکڻين، صحافت جي ڪم کي وڌائڻ لاءِ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي رسم شروع ڪري انهن جا جنم ڏينهن به ملهائڻ گهرجن. اهڙو اظهار ملڪ جي نامياري صحافي. ليکڪ ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻ بابر اياز جي ياد ۾ ڪراچي پريس ڪلب پاران ڪلب ۾ منعقد ٿيل هڪ تعزيتي پروگرام۾ ڳالهائيندي ڪيو ويو. ترقي پسند ليکڪ پروفيسر توصيف احمد چيو ته بابر ايازسچو ڪميونسٽ هو، هو سڀني ساٿين کي لکڻ پڙهڻ لاءِ گڏ ڪندو هو انکي بهترين نموني ياد ڪرڻ جو طريقو بابر اياز جي جدوجهد ۽ ٻين موضوعن تي ليڪچر پروگرامن جو سلسلو شروع ڪرڻ گهرجي۽ صحافت، سياست ۾ ايندڙ نئين نسل جي تربيت ۽ کيس ياد رکڻ لاءِ بابر اياز ليڪچر پروگرامن جو سلسلو شروع ٿيڻ گهرجي ۽ کيس هر سال ياد رکڻ لاءِ هن تحقيقي ڪمن تي پروگرام ٿيڻ گهرجن. صحافي غازي صلاح الدين چيو ته بابر اياز، ڪراچي شهر ۾ ايندڙ ڪامريڊن کي گڏ ڪندو هو، هو تحقيق ڪرڻ بعد ئي لکندو هو.هن ۾ پنهنجي نظريي ۽ دوستن سان وفا ڪرڻ جي خوبي هوندي هئي، هن جيڪو پاڪستان جي سياست تي ڪتاب لکيو هو، اڄ به حالتون ساڳيون آهن، هو پنهنجي صحافت ۽ لکڻ جي ڪمن ۾ سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کي ترجيح ڏيندو هو ان موقعي تي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ۽ ترقي پسند صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڳالهائيندي چيو ته بابر اياز جو نالو ناانصافي واري سماج کي تبديل ڪرڻ، سچائي جي جستجو ۾ زندگي گذارڻ جي علامت طور ياد رکيو ويندو،هو صحافت ۾ کرو ۽ بي باڪ ليکڪ هو ، پنهنجي انجمن ۾ هڪ وڏي شخصيت هو. هو سٺو دوست ۽ بهترين رهنما به هو. سندس جيون ساٿي ڊاڪٽر سمعيه بابر چيو ته هو پنهنجي لکڻين ۾ سچ کي اوليت ڏيندو هو، هن جا انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ۾ به ڪتاب اچي چڪو آهي ۽ هن جي لکڻين جا وڌيڪ ٻيا به ڪتاب شايع ڪرايا ويندا. صحافي ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪن سهيل سانگي چيو ته بابر اياز ٻئي جهان ۾ به پنهنجي ڪم ۽ جدوجهد ڪرڻ کان نه مڙندو. سول سوسائٽي جي اڳواڻ انيس هارون چيو ته بابرايازسان هن جو نظرياتي رشتو هو، جيڪو رت جي رشتن کان وڌيڪ روزمره تاحيات گڏ رهندو، اڄ به ملڪ ۾کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي وچ ۾ تضاد موجود آهي ۽ ملڪ جي بچاءَ لاءِ کاٻي ڌر جي نظريي کي طاقتور بنائڻ لاءِ بابر اياز جهڙي شخصيت ۽ جدوجهد کي جاري رکڻو پوندو، پروگرام جي منتظم ۽ بابر اياز جي انگريزي ڪتاب کي اردو ۾ ترجمو ڪندڙ خالد سعيد چيو ته مونکي بابر اياز سان گڏ ڪم ڪندي سکڻ جو به ڪافي موقعو مليو. بئريسٽر صلاح الدين چيو ته بابر اياز ترقي پسند صحافي ۽ دانشور سان گڏ باڪسر به هو ، هو پنهنجي ننڍپڻ ۾ ئي هن جي ڪم ۽ دانشورانه ڪمن ۽ ڳالهين کان متاثر هو، هن جي زندگي ٻين کان مختلف ۽ منفرد هئي، پنهنجي نظريي ۽ نظرياتي ڪمن ۾ مضبوط انسان هو، روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر ۽ بابر اياز جي ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ زرار پيرزادي چيو ته بابر اياز جو پاڪستان بابت لکيل ڪتاب هر دور جي نئين نسل کي پڙهائڻو پوندو. سندس لکيل تاريخ ئي حقيقي ۽ سچي آهي. ان موقعي تي بابر اياز جي پٽن به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.