ڪراچي ۾ تندور مالڪن جو نان 17 رپيا وڪرو ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي (رپورٽر) چيئرمين آل ڪراچي تاجر اتحاد عتيق مير چيو آهي ته تندور مالڪ 17 رپيا سرڪاري اگهه تي نان وڪڻڻ لاءِ تيار نه آهن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته تندور تي وڪرو ٿيندڙ اٽي جو معيار ۽ پيڙي جو وزن به چيڪ ڪيو وڃي، ڪراچي تاجر اتحاد جي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلور مل مالڪن کي به اٽي جي اگهه ۾ واضح گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ماني جي قيمت ۾ گهٽتائي تي عملدرآمد ڪرائي يا اعلان واپس وٺي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.