مائرن جي عالمي ڏينهن جو پسمنظر

تحرير: ساڀيان سانگي

هونئن ته هر ڏينھن ماءُ جو آهي، هر حوالو امڙ جو آهي، ڏينھن جو آغاز به امڙ جي دعا سان ته ان جو انجام بخير به سندس ئي دعائن جي طفيل آهي.

مولانا رومي فرمائي ٿو ته :”اسان پيار جي پيداوار آهيون ۽ پيار ئي اسان جي ماءُ آهي.”سو امڙين جي محبت ۽ عظمت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ "مائرن جو ڏينهن ” ملهائڻ جي  شروعات ڪيئن ٿي؟ اچو ته تاريخ جي دريءَ ۾ ٿوري جهاتي پائي ڏسون.

"مدرس ڊي” جي تاريخ سوين سال پراڻي آهي، جيڪا يونان ۽ روم جي قديم تھذيبن ۾ملي ٿي.قديم يونان ۾ بھار جو ساليانو تهوار ملهايو ويندو هو جنھن ۾ يوناني ديوين کي ڀيٽا ڏني ويندي هئي. ريا نالي هڪ عورت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ يوناني هڪ ڏينهن ملهائيندا هئا.  ريا، يوناني ڏند ڪٿائن موجب ڪيترين ئي ديوين ۽ ديوتائن جي ماءُ هئي

قديم رومن(250قبل مسيح) پڻ هڪ بسنت تھوار ملهائيندا هئا، جنھن کي هليريا Hilairia سڏيو ويندو هو، اهو تھوار پڻ هڪ ديومالائي ديوي سائبيل cybele جي مان ۾ ملهايو ويندو هو،سائبيل کي خدائن جي عظيم ماءُ تصور ڪيو ويندو هو. کيس "فطرت، زرخيزي ۽ ويم يعني ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت ڏيندڙ  ديوي سمجهيو ويندو هو.

تاريخ م اهو به ملي ٿو ته مذهبي طور تي 1600ع ۾ انگلينڊ اندر حضرت عيسيٰ جي ماءُ بي بي مريم جي پاڪدامني کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ڏينھن ملهايو ويندو هو جنھن جو نالو” مدر آف ڪرسٽ ايز دي مدر آف چرچ”  (Mother of crist as the mother of church)هو  اڳتي هلي اھو تھوار Mothering Sunday ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو Lent جي چوٿين آچر يعني Easter کان چاليهھ ڏينھن اڳ ملهايو ويندو هو.

مدرنگ سنڊي Mothering Sunday کان پوءِ ڪجهه اڳتي هلي 1872ع م آمريڪا جي هڪ سرگرم اديبه ۽ شاعره جوليا ورڊ هوو  مائرن جي ڏينھن کي سرڪاري طور ملهائڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جون مهيني جي ٻين تاريخ تي ساليانو مدرس ڊي ملهايو وڃي. ان ڏس ۾ جوليا اڻ ٿڪ محنتون ڪيون، هن جو نظريو پکڙيو ته سھي، پر جون جي بدران هاڻي مئي منجهه اهو ڏينھن ملهايو وڃي ٿو.

وري ان کان پوءِ 1908ع م اسان کي آمريڪا جي شھر گريفٽن (Grafton) اولھ ورجينيا م هڪ عورت اينا جاروز Anna Jarvis ملي ٿي، جنھن مدرس ڊي Mother’s day کي سرڪاري طور تي ملهائڻ جو مطالبوڪيو Anna Jarvis اهو مطالبو پنهنجي ماءُ جي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو. مئري جاروز هڪ سوشل ورڪر هئي، سندس خواهش هئي ته هڪ ڏينهن ضرور ڪوئي سڀني مائرن کي مان ڏيندو ۽ مائرن جي قربانين کي ڀيٽا ڏيندو چاهي اهي مائرون اسان سان گڏ هجن يا اسان م موجود نه هجن1905ع ۾  مئري جا روز  گذاري وئي ۽ سندس ڌيءَ اينا جاروِز ماءُ جي سپني کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ هڪ پرزور تحريڪ هلائي ته مائرن جو قومي ڏينھن وجود ۾ اچڻ گهرجي ته جيئن آمريڪا جا نوجوان پنھنجي وساريل مائرن کي ياد ڪري سگهن ۽ انهن کي  ڪجھ محبتون ارپي سگهن.

سندن ان مطالبي تحت مدرس ڊي 10 مئي 1910ع تي سندس اباڻي شھر گريفٽن جي چرچ Andrew ‘sMethodist ۾ پھريون ڀيرو ملهايو ويو ۽ مائرن کي گلابي گل پيش ڪيا ويا ۽ آخرڪار 8 مئي 1914 تي صدر ووڊرو ولسن مدرس ڊي جي قرارداد تي صحيح ڪئي ۽ پڌرنامو جاري ڪيو جنھن ۾ مئي مهيني جو ٻيو آچر يعني 2nd Sunday کي مائرن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو. ايئن اهو ڏينهن تڏهن کان ملهائجڻ لڳو آهي. ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهائجڻ لڳو.

1920 تائين جيڪو ڏينهن مقدس محبت ڀريو ڏينهن هو، اهو ماڻهن لاءِ ڪاروبار بڻجي ويو. اهو ڏسي اينا جاروز کي ڏاڍو صدمو پھتو ته پاڪيزه پيار واري احساس کي مصنوعيت جي ور ڇو ٿو چاڙھيو وڃي؟هن ڏينهن جو مقصد ته ماءُ کي محبت، عقيدت ۽ احترام جي جذبن سان پيار ڀريا ننڍڙا ننڍڙا تحفا ارپڻا هئا، سي به پنهنجن هٿن سان ٺاهي نه ڪي مارڪيٽ مان خريد ڪري..ان عمل کي ننديندي  اينا بائڪاٽ ڪيو ته ڪاروبار بند ڪيو وڃي. ماءُ سان محبت کي ڪمائي جو ذريعو نه بڻايو وڃي.

جڏهن سندس احتجاج ڪم نه آيا ته هن گل فروشن، مٺائي جي  دڪانن ۽ ڪارڊس جي دڪانن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي نتيجي طور کيس امن خراب ڪرڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪيو ويو.

اينا جاروز ، جنھن کي Mother of Mother’s Day جو لقب مليل آهي تنهن سڄي زندگي نه شادي ڪئي نه ئي وري ڪو ٻار ئي پاليو پر سموري عمر هن مائرن جي ڏينھن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ لڳائي ڇڏي.اينا جي بائيڪاٽ ۽ گرفتاري جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو ڪاروبار پنھنجي عروج تي آهي. پر اهو ڏينھن اڄ به محبت ۽ عقيدت سان سموري دنيا م ملهايو وڃي ٿو. ڪجهه ملڪن ۾ مختلف تاريخن تي به ملهائجي پيو.

مجموعي طور تي، مئي مھيني جي ٻئي آچر کي ئي پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ مائرن جي عالمي ڏينھن طور ملهايو ويندو آهي. ايران جا ماڻهون مائرن جو عالمي ڏينهن 20 جمادالثاني تي ملهائين ٿا، ڇاڪاڻ ته  اهو ڏينھن خاتون جنت سانئڻ بي بي فاطمه الزهراء جي ولادت با سعادت جو ڏينھن آهي،  نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ڪيترائي دفعا فرمايو هو ته : "فاطمه دنيا جي سڀني عورتن کان مٿاهين آهي، پھرين کان ويندي آخري عورت تائين”

ان ڪري ئي ايرانين سانئڻ جي جنم جي ڏينھن کي ئي عورتن ۽ مائرن جو ڏينھن قرار ڏنو آهي.

جڏهن به "مدرس ڊي” جون تقريبون هجن، مائرن جي عظمت تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته اسان ان وقت دنيا جي مشھور عظيم   مائرن جو ذڪر ڪندا آهيون جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ اسان کي پنهنجي، عظمت، قربانين ۽ ڪارنامن جي حوالن سان، عقيدت جي اکرن سان پيار جي مالهائن ۾ پرويل ملنديون آهن ۽ اسان انهن کي ياد ڪري سندن ڪمن کي ساراهيندا آهيون عزت ۽ مان ڀريل لفظن سان ڀيٽا ڏيندا آهيون… پر ڇا اهي مائرون عظيم ناهن؟ جن جو ذڪر تاريخ جي ڪنھن به پني تي ناهي، جن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪو اکر، ڪو لفظ ڪو جملو موجود ناهي، جن جون اڻ مٽ قربانيون انھن جي پوري حياتيءَ تي محيط آهن پر ڪٿي به نقش ٿي نه سگهيون آهن.

هن وقت مون کي اها گمنام ماءُ ياد اچي رهي آهي، جيڪا ڦوھ جواني م بيوه ٿي وئي، چئن ٻارن جي ماءُ، جنھن پنھنجي ور جي بيماريءَ دوران کيس بچائڻ لاءِ گهر جو الهھ تلھه لڳائي ڇڏيو پر ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ جڏهن هوءَ عدت مان نڪتي ته مٿس زور رکيو ويو ته شادي ڪري ٻيھر گهر وساءِ پر اولاد خاطر هن پنھنجي سونھن ساڙي ۽ جوانيءَ کي زوري پوڙهائپ ۾  بدلائي ڇڏيو. هن پنھنجا ڏند ڀڃڻ شروع ڪيا، روز رات جو ڏندن ۾ ڌاڳو وجهي ڇڪي ڇڪي، آهستي آهستي پنھنجا اڌ کان وڌيڪ ڏند ڪيرائي ڇڏيا جيئن ڪو به کيس جوان نه سمجهي ۽ گهر وارا مٿس شادي جو زور نه ڀرين. هن ور سان به نينھن نڀايو ته ٻچن کي به پنھنجي ڇپر ڇانو کان پري نه ڪيو. هن غريبي جي حال م به همت نه هاري. گهر جي پردي اندر رهي هن سخت ترين پورهيا ڪيا. ڪڏهن واڻ وٽي، ڳوڻيون ڪٽي، ڪڏهن کٽون واڻي، ڪڏهن رليون ٺاهي، اڳٺن جي اڻت ڪري ته ڪڏهن سئيٽر اڻي، ته ڪڏهن سلائي ڪري ٻار پاليا، پڙهايا ۽ منزل رسايا، پاڻ اوجاڳا ڪري ٻارڙن لاءِ ننڊن جو سامان ميسر ڪيو، پاڻ بکون ڪاٽيون پر ٻارن کي ڪڏهن بکئي پيٽ نه رکيو، گهر ۾ ڪجهه نه هوندو هئس ته چلهو ٻاري ديڳڙي ۾ خالي پاڻي چاڙهي ڇڏيندي هئي ته جيئن سندس ڀرم رهجي اچي. اها ماءُ زندگيءَ جي آخري ساهن تائين جاکوڙيندي رهي ۽ ماٺ ميٺ م هن دنيا مان هلي وئي، نه اڻهوند جي ڪا ڪنهن سان شڪايت ڪيائين نه ئي درد وگهي ڪا دانهن يا ڪوڪ ڪيائين. شڪر ڪندي چپن تي مرڪ سجائي هميشه لاءِ هلي وئي. اهڙي ماءُ کي نيل (لکين) سلام!

اسان اڄوڪي ڏينهن تي يعني امڙين جي عالمي ڏينهن تي پنھنجي پنھنجي امڙ کي wish ڪندا آهيون، مبارڪون ڏيندا آهيون، رسمون به نڀائيندا آهيون، ڪيڪ ڪٽڻ جون، گل ۽ ڪارڊ ڏيڻ جون ۽ ڪي ننڍا وڏا تحفا به ڏيندا آهيون. هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي حيثيت مطابق امڙ سان پنهنجي پيار جو اظھار ڪري ٿو. پر سوچجي ته ڇا اسان ان جي محبت جو حق ادا ڪندا آهيون؟ ن جي چاهنا سان انصاف ڪندا آهيون؟ اهي سوکـڙيون پاکڙيون به چڱيون پر ڇا اسان اهو کيس ڏيندا آهيون، جنھن جي کيس گهرج ته آهي پر گهرندي ناهي، اسان سندس گهرج هن جي اکين مان ناهيون پڙهي سگهندا،  ڇاڪاڻ  ته هوءَ اسان کان اسان کي ئي گهرندي آهي، اسان جا گڏ ڪي پل، ڪي گهڙيون، ڪا ڪچھري، ڪو ٿورو وقت ۽ بس! اهو گهرڻ ڪو گهرڻ ٿيو ڇا، اهو ته ڏيڻ ٿيو، جنھن جو شايد ڪو به مُلهه ناهي، جنھن جھڙو ڪو به تحفو ناهي، ڪا به سوکڙي ناهي!

تان ڪي ساڻن اور جان آهين اوطاقن ۾

ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گھور،

ويا جي هنگلور ته ڪرم ملندءِ ڪاپڙي.

(شاهه سائين)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.