مائرن جو عالمي ڏينھن ۽ جڙندڙ جديد سماج  

هي ڏينهن مَلِھائڻ جو مقصد پنھنجي ماءُُ جي اهميت جو احساس پئدا ڪرڻ، سندس خدمت ڪرڻ ۽ امڙ کي خوشي ڏيڻ آهي.ماءُ جي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب اهو ناهي ته ماءُ جي عظمت رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود رهي، ڇاڪاڻ ته ماءُ جھڙي هستي  انسان کي رڳو هڪ ڏينهن لاءِ ئي نه سنڀاليو ھو پر جوان ٿيڻ ۽ پرڻڻ باوجود به سندس اولاد جو خيال رکيو آھي.ماءُ جھڙي عظيم رشتي جي لاءِ جيڪو ڪجهه بھ ڪيو وڃي اھو  گھٽ ھوندو آھي.اسان ۽ توهان کي پنهنجي ماءُ کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ تھ اھا عظيم آھي ۽ اھا زندگيءَ ۾ انسان جي لاءِ خاص آھي،ان جي ھر ممڪن حد تائين خدمت ڪرڻ لازمي آھي.نيپولين  چيو ھو تھ مون کي تعليم يافته مائرون ڏيو، مان توهان کي هڪ تھذيب يافتھ ۽ پڙھيل لکيل  نسل ڏيندس“.

هڪ ماءُ جي تعليم پنهنجي اولاد جي شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪڏهن اسان ايندڙ نسلن کي سنوارڻ چاهيون ٿا ته اڄ جي هر مستقبل جي ماءُ کي تعليم مان فائدو وٺڻ گهرجي. ماءُ هر ٻار جي پهرين استاد هوندي آهي، جنهن کي ٻار اکيون کولڻ سان ئي دنيا ۾ پهريون ڀيرو محسوس ڪندو آهي ۽ ان کان ئي سکندو آھي.هڪ ٻار ماءُ جي اٿڻ، ويهڻ، کلڻ، ڳالهائڻ ۽ رويي مان ئي سکيا حاصل ڪري ٿو ان ڪري ھر ٻار جي ماءُ ئي ھن جو پھريون مڪتب آھي. ڇو ته ماءُ جي هر رويي جو ٻار جي زندگيءَ تي خاص اثر پوي ٿو، جنهن ڪري ماءُ جي ذميواري ٻيڻي ٿي وڃي ٿي. ماءُ جي سنڀال ٻار جي لاءِ ڍال بڻجي ويندي آهي، پر ماءُ جي تعليم ۽ معاشي ڪاميابي ٻار جي مستقبل کي ترتيب ڏيندي آهي.

ٻار جي تربيت جو عمل تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن اهو ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي. ماءُ جو هر عمل ٻار جي تعليم جو پهريون قدم هوندو آهي، پر ھڪ  اڻ پڙهيل ماءُ شايد تعليم جي بهترين طور طريقن کان ڪنھن حد تائين   محروم رهي ٿي. ان لاءِ چيو ويندو آهي ته هڪ پڙهيل لکيل ماءُ ئي پنهنجي ٻارن جي مثبت تربيت ڪري سگهي ٿي.سڄي دنيا ۾ هن وقت نئون نسل ميڊيا جي ناڪاري اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي پر هتي هڪ پڙهيل لکيل ماءُ به ميڊيا کي معلومات ۽ تفريح جو ذريعي طور استعمال ڪري رهي آهي. هوءَ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ته ڪهڙي ميڊيم کي ڪڏھن ۽ ڪيئن استعمال ڪيو وڃي ۽ ٻار لاءِ اسڪرين جو بهترين وقت ڪھڙو ٿي سگھي ٿو.

مائرون پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور هئڻ سان  ئي سماج ترقيءَ طرف اڳتي وڌي سگهي ٿو، ڇو ته هڪ باشعور عورت ئي پنهنجي ٻارن کي وقت جي گھرجن مطابق درست تعليم ڏئي سگهي ٿي. اهو ٻار کي سٺي ۽ خراب ۾ فرق سيکاري سماج جو هڪ ڪارآمد شهري بڻائي سگهي ٿو.ھر سماج جي جدا سڃاڻپ ھوندي آھي،اھڙي ريت سماجي جي ڪلاسيڪل ارتقا موجب سنڌ جو سماج جاگيرداري کان سرمائيداري ڏانھن سفر ڪري رھيو آھي،ان سان گڏ دنيا ۾ ٿيندڙ برق رفتار تبديليون بھ ان تي اثر وجھي رھيون آھن.جنھن سان ان جي منفي ۽ مثبت اثرن کان بچڻ بھ گھڻو ڏکيو آھي.اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ھڪ ماءُ دنيا جي ناڪاري اثرن کان آگاھ ھوندي تھ اھا پنھنجي ٻارن کي ان جي منفي اثرن کان بچائي سگھندي ان ڪري ئي ان ڳالھھ تي زور ڏنو ويندو آھي تھ ھڪ ماءُ جو پڙھيل لکيل ھئڻ ڪيترو ضروري آھي.

اسان جو پوئتي پيل سماج ڪيترين ئي منفي اثرن جي نظر نھ ايندڙ ڄار ۾ بھ ڦاٿل آھي،جنھن ۾ ڪيترائي ئي اھڙي ڏکوئيندڙ واقعا پڻ ٿين ٿا،جنھن ۾ ماءَ تي ڪارنھن الزام مڙھي ڪري ان تي وار ڪيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ مائرن جي قتل جا ڏکوئيندڙ واقعا پڻ ميڊيا جي زينت بڻبا رھيا آھن،جيتوڻيڪ اھڙي قسم جو عمل سڌي ريت ھڪ ڏوھ آھي پر نياڻين سميت مائرن يا ڪنھن بھ عورت کي اھڙي مدي خارج  سماجي قدرن جي ور چاڙھي قتل ڪيو وڃي ٿو.اھو ھڪ انتھائي ڏکوئيندڙ عمل آھي پر اھا ھڪ حقيقت آھي.

ھڪ ماءُ کي ڪئين بھترين ڀيٽا پيش ڪري سگھجي ٿي ؟ اسان سمجھون ٿا تھ اڄوڪي سوشل ميڊيا تي ماءُ  سان گڏ تصوير رکي ڪري پنھنجي محبت ظاھر ڪرڻ سان گڏ عملي طور ماءُ کي پنھنجي گھر  ۾ پڻ سموري سک ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.سندس ڳالھھ کي اھيمت ڏيڻ گھرجي،ماءُ جي ھڪ کان وڌيڪ ٻارن ھئڻ ۽ انھن جي پرڻيل ھئڻ جي صورت ۾ انيڪ مسئلا پئدا ٿين ٿا.اولھه ۾ اولڊ ھائوسز بھ آھن،جيتوڻيڪ اوڀر جي سماج ۾ ڪو ايترو ھاڪاري عمل تصور نٿو ڪيو وڃي پر ٻئي پاسي اھا بھ حقيقت آھي تھ پيءُ سان گڏ ماءُ جي پوڙھائپ ۾ پھچڻ سان ڪي ھڪ ڀاءُ انھن کي ٻئي حوالي ڪرڻ چاھي ٿو ۽ ٻيو وري ٽئين حوالي ڪرڻ چاھي ٿو.

جيتوڻيڪ ھن برق رفتار سماج  ۾  نئين نسل ۽ اڳوڻي نسل ۾ خاصي وڇوٽي پئدا ٿي وئي آھي، ان ھوندي بھ مائٽن جي احساس ڪندڙ الاد کي اھو چڱي ريت معلوم آھي تھ کين تخليق ڪري ھن منزل تي رسائيندڙ ھستي جو مان ۽ شان ڇا آھي. اھي پنھنجي والدين کي ھن جديد دور ۾ پڻ دنياداري جي نظر سان نھ پر رشتي جي عظمت سان محسوس ڪن ٿا.ھي ڏينھن انھن لاءِ گھڻو اھم آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.