اهو مرچن جو اثر آهي، اسان جو، ڊي اين اي مختلف آهي يا اسان جو رت ڪجھه وڌيڪ ئي ٽھڪي ٿو، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسي مسڪرائيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته هڪ ٻئي کي سوري ڪري،ٿيل غلطي کي وساري ڇڏيندا آهن.
ٻئي طرف اسين آھيون جو ھر وقت چڙيل چڙيل رھندا آھيون.ننڍڙي ڳالھھ ٿي وڃي تھ ٻانھون کنجھي ٿا وٺون،اکيون ڳاڙھيون ٿي وينديون آهن،وات مان گاريون نڪرڻ شروع ٿي وينديون آھن ۽ اسين ھٿين پئجي ويندا آھيون،سٽڻ ڪٽڻ لڳي ويندا آھيون.اسين خوش ملھائي رهيا ھجون تھ ان ۾ فائرنگ ڪري يا ميوزڪ شو دوران ويڙهي ماحول کي اداس ڪرڻ جا ماهر آهيون.
غم، ڏک ۽ درد کي ملهائڻ لاءِ اسان وٽ سوين رسمون آهن، پر عيد، شب برات جي ڏينھن تي اسان وٽ سمهڻ ۽ کائڻ پيئڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به مشغلو نھ ناھي. اسان جي ڪاوڙ ۽ اسان جو جهيڙو گهرن کان وٺي آفيسن، ادارن ۽ سياست تائين پکڙجي ويو آھي.
اسين جيتري قدر ڪاوڙ ڪرڻ ۽ وڙھڻ جا ماھر آهيون، اوتري قدر ئي معاملا طئي ڪرڻ ۽ نبيرڻ ۾ نااھل آھيون. اسان ۾ ڪاروباري پارٽنرشپ نٿي هلي سگھي، آفيسن ۾ هڪ ٻئي خلاف سياست بازي ھوندي آهي، گهرن ۾ سس ننھن جي ويڙهه صدين کان حل نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته اولھھ جي دنيا انهن سمورن مسئلن جو صحيح يا غلط پر حل ڪڍي ورتو آهي، جڏهن تھ اسان وٽ ڀاءُ ڀيڻ جي ويڙھ ٿي پئي تھ پاڻ ۾ سرچاءُ ناھي ٿيندو.ڀائيوار سالن تائين ڪيس ڪندا آهن پر ويهي مسئلا حل نه ڪندا آهن، اسان اڪيلا اڪيلا ڪامياب آهيون پر جڏهن گروپ ۾ ڪم ڪرڻو پئي ته اسان ناڪام ٿي ويندا آھيون. خانداني دشمنيون سالن تائين ھلنديون آھن،درجنين ماڻھون ان ۾ مارجي ويندا آھن.ٻنهي ڌرين کي نقصان ٿي رهيو ھوندو آهي، پر امن ۽ صلح لاءِ تيار نه ٿيندا آهن.
تاريخ جو مطالعو ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته برصغير جي ماڻهن جو اهو دائمي مرض آهي ته هنن کي وڙهڻ جا طريقا تھ اچن ٿا پر اھي تڪرارن کي حل ڪرڻ نٿا ڄاڻن. مغل هر وقت جانشيني لاءِ جنگيون وڙهندا هئا، جڏهن ته برطانوي شاهي خاندان فيصلو ڪري ورتو ھو ته وڏو ٻار، چاهي ڌيءَ هجي يا پٽ، جانشين هوندو.
اسان ڪڏھن بھ صلح ۽ صفائي جا اصول طئي نھ ڪري سگهياسين. انگريزن هندستان کي پنهنجي ڪالوني بڻايو تھ نه مسلمانن ۽ نھ ئي هندن وٽ ڪو فارمولو هو ته آزادي ڪيئن حاصل ڪجي، هندو مسلم تڪرار ڪيئن حل ڪجي.
منهنجي راءِ ۾، گانڌي ۽ نهرو ۽ اسان جي مسلمانن مان اقبال ۽ جناح يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه وڃن ها تھ اسين اڄ بھ غلام ھجون ھا.انھن چئني، ٽڪراءَ جو حل يورپ مان ئي سکيو. جيڪو گانڌيءَ ۽ نهرو چاهيو پئي، يعني ڪانگريس جو سڄي هندستان تي راڄ ھجي، سو کين نھ ملي سگهيو، اهڙي طرح قائداعظم جيڪو چاهيو هو، سو بھ نھ ملي سگهيو ۽ سندن چوڻ موجب، کيس ڪٽيل پٽيل پاڪستان تي اتفاق ڪرڻو پيو. تڪرارن جو حل ائين ئي ٿيندو آھي. ڪنهن به ڌر کي سڀ ڪجهه پنھنجي خواھش موجب نٿو ملي.
صلح تڏهن ٿيندي آهي جڏهن توهان پنهنجي مطالبن کان گهٽ تي راضي ٿي وڃو.اسان ننڍي کنڊ جي عوام کي اھا ئي شي نٿي اچي. ان ڪري پاڪستان ۽ ھند تڪرار حل نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون پنهنجي مرضيءَ موجب مسئلن جو حل چاهين ٿيون، جيڪو ٻي ڌر لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي.
في الحال ننڊي کنڊ کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت اھڙن ماڻهن جي آهي، جيڪي تڪرار جا حل ڪڊڻ ڄاڻندا ھجن.اسان کي هڪ نئين گانڌي ۽ نئين جناح جي ضرورت آهي. پر افسوس ته هڪ طرف مودي ضدي آهي ۽ ٻئي طرف اسين سندس ڀائر آهيون. جيستائين لچڪ پئدا نھ ٿئي مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.
اڄوڪي پاڪستاني سياست به ان ئي جهيڙي جھٽي ۽ ڪاوڙ ۾ ڦاٿل آهي. لڳي ٿو مڪمل سياسي ڊيڊ لاڪ آھي.
هڪ طرف پي ٽي آءِ آهي جيڪا 9 مئي جي واقعي تي معافي وٺڻ ۽ پنهنجي بريت جو اعلان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ٻئي طرف حڪمران جماعت آهي جيڪا 9 مئي جي زخمن کي وسارڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن ٻنهي طرفن لچڪ نه آھي ته ظاهر آهي ته تعطل وڌندو رهندو. منهنجي ذاتي راءِ شروع کان اها رهي آهي ته سياسي پارٽين کي تشدد جي سياست جو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا غلطي ٿئي ٿي ته ان کان فوري طور تي لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ اهو نه ڪيو آهي پر اها هڪ مقبول سياسي پارٽي آهي ۽ ان کي نظرانداز ڪري قومي ڌارا مان ڪڍڻ پڻ قومي مفاد ۾ نه هوندو.
سياست جي هڪ جونيئر شاگرد جي حيثيت ۾ مان سمجهان ٿو ته هن ڊيڊ لاڪ يا سياسي بحران جي ڪنجي صرف پارليامينٽ آهي. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ٻئي پارليامينٽ ۾ موجود آهن، نه چاهيندي به انھن کي ايجنڊا هلائڻ ۽ ٻين معاملن لاءِ ھڪ ٻئي سان ملڻو پوندو آھي ۽ پارليامينٽ کي ھڪ پليٽ فارم ٺاهي ڳالھين جي شروعات ڪرڻ گھرجي.تحريڪ انصاف کي اليڪشن تي جيڪي اعتراض آھن،ان جي حل لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي جوڙي سگھجي ٿي.تحريڪ انصاف جن سيٽن تي الڪشن ڪميشن وٽ اعتراض داخل ڪري رکيا آھن.انھن سيٽن تي گڏيل پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي.ممڪن ھجي تھ مولانا فضل الرحمان کي ان ڪميٽي جو سربراھ ڪيو وڃي.جيئن اھو معاملو تلسي بخش طريقي سان حل ٿي سگھي.
مون اسان جي سماج جي خرابين جو ذڪر ڪيو آهي، انھن ۾ ھڪ پنھنجي غلطين کي تسليم نه ڪرڻ پڻ آھي.رانديگر سياستدان محمود خان اچڪزئي کي پنهنجي جدوجهد لاءِ اڳتي وڌايو آهي،تھ کيس ميڊيا، عدليه ۽ مخالف ڌر سان ٿيل زيادتين جو به اعتراف ڪرڻ گهرجي. هن جي دور ۾ ميڊيا کي معاشي طور مفلوج ڪيو ويو، هر تنقيد ڪندڙ صحافي جي ٽرولنگ ڪئي وئي.عورتن سان کي بھ گايون ڏنيون ويون، اڄ اهي سڀ صحافي عمران سان ٿيندڙ زيادتيءَ تي حتجاج ڪري رهيا آهن، پر تحريڪ انصاف کي اڃان تائين توفيق نھ ٿي آھي تھ ھو پنھنجي پليٽ فارم تان ماضي جي غلطين تي معافي وٺي ۽ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد برداشت ڪرڻ جي جرئت بھ ڪري. حالت اها آهي ته جيڪڏهن ڪو اينڪر يا صحافي تحريڪ انصاف خلاف هڪ جملو به چوي ته اهو لفافو بڻجي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن توھان جي تعريف ڪري ته زيرو مان هيرو بڻايو وڃي ٿو. اهو رويو جمهوري ناهي بلڪه فاشسٽ آهي.
تحريڪ انصاف هن وقت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، ان ڪري رانديگر اڳواڻ کي نه رڳو جمهوري اصولن کي اپنائڻ گهرجي بلڪھ پنهنجي انڌي عقيدت مندن کي به سيکارڻ گهرجي ته جمهوري سماج ۾ اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻو پوندو.
آخر ۾ مقتدره کي گذارش آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي ضرور سزا ڏني وڃي پر ڪروڙين ووٽ حاصل ڪندڙ پارٽي سان پنهنجو رويو مختلف رکيو وڃي. باھ ڏيندڙ سزا جا مستحق آهن، پر ووٽ حاصل ڪندڙ تھ جمھوري عمل سان کٽي آيا آھن. انهن کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي دل ڪشادي ڪندي غلطين جي معافي لاءِ گنجائشبھ پيدا ڪرڻ گهرجي. جنهن به سازش ڪئي آهي يا باهه لڳائي آهي، ان کي عبرت جو نشان بڻايو، سادن عقيدت مندن کي به سندن بيوقوفيءَ جي سزا ڏيو پر اھو خيال بھ ڪريو تھ اھڙي رٿابندي کان بي خبر بھ ماريا ويا آھن.