هونئن ته هر ڏينهن ڪيئي انسان جنم وٺندا آهن. ۽ ڪيئي هميشه لاءِ پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويندا آهن. پر ڪي ماڻهو اهڙا پيدا ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجن لاءِ قوم لاءِ فخر جو باعث ٿيندا آهن. اهڙين شخصيتن ۽ هستين ۾ هڪڙو نالو منهنجي والد صاحب جمن دربدر به آهي.
اڄ 12 مئي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن بابا سائين هن ڌرتي تي اکيون کوليون. وڏڙن کان ٻڌو ته بابا سائين جي ڄمڻ وقت دائيءَ پِڪ ڏني هئي ته هي حر ٿيندو يا تمام وڏو ماڻهو ٿيندو ۽ يقينن ان جي ڪيل ڳالهھ صحيح ثابت ٿي. بابا سائين ڀلي بنگلا ۽ ملڪيت رکندڙ نھ هو پر وڏ ماڻھپي وارا اهي سمورا ڳڻ قدرت واري جي طرفان کيس مليل هئا. سادگي، نوڙت، سهپ، رواداري جهڙين انيڪ خوبين سان نوازيل هو. کيس اها عزت اها شهرت اهو پيار اهو خلوصُ مليو جيڪو ورلي ماڻهونءَ کي نصيب ٿيندو آهي.
جتي بابا جو جنم ڏينهن اسان گهر ڀاتين لاءِ اهم هوندو هو، اتي سنڌي ماڻهو پڻ کيس تمام چاھ ، قرب ۽ محبت ڀريل لفظن سان ياد ڪندا هئا، سال 2022ع ۾ جڏهن بابا سائين جي اسان سان گڏ آخري سالگره هئي ته سوشل ميڊيا تي پڻ کين ز بردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو هو جنهن تي بابا بيحد خوش هو. هونئن ته بابا ۽ سنڌي ماڻهن جو خلوص جو رشتو رهيو، ان تي لکبو ته لفظ تمام ننڍا ٿي پوندا.
سال 2017ع ۾ بابا جي باءِ پاس کانپوءِ ڊاڪٽرن منع ڪئي پر ان هوندي به بابا سيني تي هٿ رکي به ڳائيندو هو. اسان بحيثيت اولاد کين ڳائڻ کان منع ڪندا هئاسين ته چوندو هو مون وٽ جيڪو ڏيڻ لاءِ آهي سو ڏيندس ته ڪڏهن نچي ته ڪڏهن ڳائي پنهنجن پيارن کي ريجھائيندو رهندس. شايد ان ڪري ئي هڪ دفعو ساڻس ملڻ وارو ٻيهر ملڻ جي خواهش ضرور رکندا هئا، گھڻا نوجوان کيس ماما ڪري مخاطب ڪندا هئا ۽ نياڻيون بابا ڪري مخاطب ٿينديون هيون ته مون کي ايئن لڳندو ڄڻ هو صرف اسان جو نه پر اڱڻ تي ايندڙ هر نياڻي کي پيءُ جي شفقت سان نوازيندو هو.
بابا سان ملڻ لاءِ خاص طور تي گھڻا شاگرد ۽ نوجوان ايندا هئا. ٻيو ته نوجوانن جو آئيڊيل ان ڪري به رهيو سائين جي ايم سيد بابا کي ساراهيندو ۽ ”وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ کي گهڻو ڳائيندو هو، سائين جي ايم سيد جهڙي اڳواڻ جي دل کٽڻ وارو اهو غريب فقير منش ماڻهو بابا جمن دربدر هو جنهن سنڌ ۽ سيد جو نينهن نڀائڻ لاءِ پنهنجي آخري ساھ تائين به پتوڙيو، ڪڏهن پيرن پنڌ هلي سيد جي فڪر کي جھر جھنگ تائين پڄايو ته لوڪ گيتن ذريعي سنڌ جي ريتن رسمن کي اجاگر ڪيو ته ڪڏهن ڏتريل غريب مسڪين ماڻهن جي ڏکن کي شاعري جو روپ ڏنو جنهن ۾ چنڊ لڳي ٿو لولو يا اسٽيج ڊرامو ڳڀي جي ڳولا جنهن تمام گهڻي پذيرائي ماڻي.
بابا جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ بي انتها پيار هو. بابا پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ چيو ته مون کي ست جنم ملن ته آئون سنڌ ۾ وٺندس ڇو ته آءُ وري به سنڌ جي مٽي ۾ ملڻ چاهيان ٿو. بابا سائين پنهنجي ذات ۾گھڻ رخي شخصيت رهيو. جتي قومي فرض نڀايا اتي مٽن مائٽن جا فرض پڻ نڀايا. بابا سائين منهنجي ذات تي تمام گهڻو اثر ڇڏيندڙ شخصيت آهي. اسان سڀ ڀينرون ۽ ڀائر هر ڪو ايئن سمجهندو هو ته بابا مون سان وڌيڪ پيار ٿو ڪري شايد ان ڪري ته سڀني کي ٽائيم ڏيندو هرهڪ جي راءِ جو احترام ڪندو هر ننڍي وڏي خواهش جو احترام ڪندو هو، اسان سان هميشه دوستاڻو رويو رهيس. ڪڏهن بيجا رعب ڪرڻ، مرضي مسلط ڪرڻ بابا جي مزاج ۾ شامل نه هو بقول بابا جي ته سائين جي ايم سيد سان ملڻ کانپوءِ مون مان حيواني جبلتون ختم ٿي ويون آهن.
سچ به ايئن ئي هيو. بابا جو سچ ۽ معصوميت ته ان جي چهري مان جهلڪندي هئي. اسين جڏهن ساڻس سالگرهه جي ڳالهھ ڪندا هئاسين ته چوندو هو سالگرهه ته سائين جي ايم سيد جهڙين شخصتين جي ڪبي آهي پر ان هوندي به اسان لاءِ اهو ڏينهن تمام گهڻي اهميت لائق هو ۽ اسان ان ڏينهن کي ڪنهن خاص تهوار جيئن ملهائيندا هئاسين. 12 مئي تي صبح کان شام ۽ شام کان رات تائين اهو سلسلو جاري رهندو هو ڪڏهن گهر ڀاتين سان گڏ ڪيڪ ڪٽيو ويندو هو ته ڪڏهن اوطاق تي ٻاهر ڪيڪ ڪٽيو ويندو هو هڪڙي خاص قسم جي رونق هوندي هئي منهنجي وڏي ڀيڻ عابده جيڪا بابا جي تمام ويجهو رهي آهي سا ئي بابا کي ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ راضي ڪندي هئي.
اسان وٽ اها محبوب هستي اهو پيارو ٻاجهارو شفيق ۽ پيءُ جي روپ ۾ مليل فرشتو اڄ جسماني طور موجود ناهي پر هن جي نالي پٺيان ملندڙ مانُ ۽ عزت اسان جو ڳاٽ اڃان به فخر سان بلند ڪندو آهي. اسان ان انسان جي گهر ۾ پيدا ٿيا آهيون جنهن عزت ڪمائي ۽ دامن کي بي داغ رکيو ۽ ضمير جو سودو نه ڪيو” شال تنهنجي ڪک مان هر هر ڄمان“ ۽ اسان سدائين 12 مئي کي ايئن ئي انجواءِ ڪنداسين ڇو ته اوهان اسان جي دلين ۾ زنده آهيو زنده هيو ۽ زنده رهندئو. موت اوهان کي مات نه ڏئي سگهندو، سنڌ ۽ اوهان جا پنهنجا اهي نوجوان جيڪي اوهان کي ماما ڪري ڪوٺيندا هئا اهي اوهان کي ڪڏهن به نٿا وساري سگهن تاريخ توهان جي مهان ڪردار کي هميشه ياد رکندي. اسان کي يقين آهي ته اوهان وٺي هرهر جنم ضرور ورندئو ۽ نوجوانن لاءِ اتساھ جو ذريعو بڻجندئو.
( ليکڪه جمن دربدر جي ڌيءَ آهي)