سنڌ جي زمينن جي وڪري ۽ انٽريون بلاڪ ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جو خيرپور ۾ ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)سنڌ بورڊ آف روينيو حيدرآباد طرفان ڪراچي کان سواءِ اندروني سنڌ جي 12 ضلعن جي 4لک 81ھزار 5سئو 33 ايڪڙ کاتي واري زرعي زمين جي داخلا تي وڪرو ۽ خريداري تي بين ڪري  انٽريون بلاڪ ڪرڻ وارو عمل خلاف سنڌ ھاري ڪاميٽي جي سڏ تي روينيو کاتي خيرپور جي آفيس اڳيان احتجاجي ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ھاري ڪاميٽي جو مرڪزي چيئرمين مير منور ٽالپر سنڌ جو اڳواڻ ھوندل خان شر،ضلعي خيرپور جو صدر ۽ سينئر ايڊووڪيٽ مرزا خان ڪٽوھر،آبادگار اڳواڻ وڏيرو محرم خان مغيري ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا جن ٻڌايو ته سنڌ بورڊ آف روينيو حيدرآباد جي سيڪريٽري سڄي سنڌ جي 12 ضلعن جي 4 لک 81 ھزار 5 سئو 33 ايڪڙ کاتي واري زرعي زمين جي داخلا رد ڪري ان انٽري کي بلاڪ ڪيو ويو آهي جنھن ۾صرف خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن جنھن ۾ خيرپور،ڪنگري ، ڪوٽڏيجي،گمبٽ،نارو ، صوڀوديرو، ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي سميت  34 ھزار 5سئو 55 ايڪڙ شامل آهي، جن جي ھينئر سنڌ بورڊ آف روينيو حيدرآباد ۾ روينيو بورڊ ھر اربع جي ڏينهن سڄي سنڌ جا زميندار، ھاري، کاتيدار گھرائي انھن جون اتي پيشيون ٿيون ڪرايون وڃن ۽ جيڪڏهن ڪوبه زميندار يا ڪوبه کاتيدار سندس نوٽيس تي نه ٿو وڃي ته ان خلاف لينڊ روينيو ايڪٽ 161 تحت نوٽيس ڪرائي ۽ پاڻ مرادو ڪيس ھلائي ان خلاف فيصلو ڪيو ٿو وڃي، جنھن سان انھن حقيقي زميندارن جي زمين ھڙپ ڪئي ٿي وڃي، ھنن چيو ته انگريزن جي دور حڪومت کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اسان جي ابن ڏاڏن ۽ اسان جا کاتا آھن ۽ اھي اسان جي قبضي هيٺ آھن ۽ اھو اسان جي ٻچن جو روزگار آھي، ھنن چيو ته جيڪڏهن بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري جي ڪئي به خدشا آهن ته ھو ھر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي پابند ڪن ته ھو روينيو اپيلون ڌئي ڪيس ھلائي فيصلو ڏئي نه ته ٻئي صورت ۾ اسان سڄي سنڌ ۾ ھاري ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻنداسين جنھن جي ذميواري بورڊ آف روينيو حيدرآباد تي ھوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.