مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جون زمينون مافيائن لاءِ سوني جھرڪي بڻجي ويون، ھزارين ايڪڙ زمينون بلڊرن ۽ سرمائيندارن حوالي ڪيون ويون آهن، مقامي رھواسين پاران سندن زمينن تي ٿيل غير قانوني قبضن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ، تعلقي ٺٽي جي ديھه ڪوھستان 7/1، جھمپير واسين متاثر ٻٻر برادري جي ڪيترن ئي رھواسين پاران ڊي سي آفيس مڪلي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاهرين معذور دينو ٻٻر، ڪانڊيرو، قربان، پپو، محمد بخش، يار محمد ٻٻر، ظھير ٻٻر ۽ ٻين چيو ته سندن زمين سميت ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙ زمين تي قبضا مافيا مقامي ايجنٽن ۽ روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪري ورتو آھي، جن کي روينيو کاتي جي ڪرپٽ عملدارن جعلي کاتا پڻ ٺاھي ڏنا آھن. ھنن چيو ته ھُو صدين کان ھتي آباد آھن، ھاڻي ته اسان جا ڳوٺ به محفوظ ناھن رھيا، اسان لاءِ زندگي تنگ ڪئي ويئي آھي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته بااثرن پير مقبول، ملڪ بيدي ۽ نبي بخش ٻٻر ملي ڀڳت ڪري اسان جي سروي زمينن جي کاتن جي زمين ڪراچي جي بلڊرن خضر، محمد سليم ۽ عمير لاکاڻي کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي، جن سندن جيئڻ جنجال بنائي ھاڻي کين بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، ھنن چيو ته مذڪورہ بلڊر مافيا پاران اڳ به اسان جي زمين تي اڏاوتي ڪم شروع ڪرايو ته اسان ان وقت جي ڊي سي ٺٽو کي درخواست ڏيئي ھلندڙ غير قانوني ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ھو، پر ھڪ دفعو ٻيھر مذڪورہ بلڊرن اسان جي کاتي واري زمين تي قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪرايون ويون آھن. جيڪي اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھين ٿا ۽ جيڪي اسانجي مدد ڪن ٿا انھن کي به حراسان ڪيو پيو وڃي. ھنن صوبائي وزير علي حسن زرداري، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ڊي سي ٺٽو سميت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي کين انصاف ڏياري بااثر لينڊ مافيا ۽ انھن جي ساٿارين خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.