ڪراچي ۾ ڌار ڌار واقعن دوران 2 ڄڻا فوت، عورت سميت 2 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ لاش ملڻ سميت 2 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 2 زخمي ٿي پيا. سائٽ اي ٿاڻي جي حد سائٽ ايريا ۾ واقع ٽيسٽو ڪمپني بلڊنگ جي 3 منزل تان اوچتو پراسرار نموني ھيٺ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 25 سالن جو پورھيت احمد الله ولد محمد خان ھيٺ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو. حسن اسڪوائر ايڪسپو سينٽر جي ڀرسان نالي مان 35 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو آهي،. اتحاد ٽائون ٿاڻي جي علائقي  بلديا ھزارا ڪالوني ۾ واقع گھر نمبر 4368 ڀرسان مڪا مسجد لڳ نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت نذھت زال مسڪين زخمي ٿي پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.