”ڊجيٽل دهشت گردن“ خلاف محسن نقوي کي ٽاسڪ ملي ويو، پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون

اسلام آباد (معظم فخر): 9 مئي جي واقعن بابت جاري ٿيل جاچ رپورٽ ۾ 34 ماڻهن کي سانحي جو ماسٽر مائينڊ، 52 منصوبو ٺاهيندڙن ۽  ان تي عمل ڪندڙ 185 ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انهن سڀني جو سربراهه عمران خان کي قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب 9 مئي جي واقعي ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ملوث هئا، عمران خان منصوبي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پنجاب جي نگران حڪومت پاران تيار ڪيل اها رپورٽ اڳوڻي نگران وڏي وزير ۽ هاڻوڪي گهرو وزير محسن نقوي حوالي ڪري کيس انهن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. رپورٽ کانپوءِ ٻن ڏينهن دوران درجنين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فوجي سربراهه جنرل عاصم منير جي 9 مئي بابت ڳالهه ٻولهه کانپوءِ واضح ٿي ويو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي جو پاڪستان جي سياست ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايل ماڻهن لاءِ معافيءَ جا در به بند ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد (منصور علي خان): آرمي چيف جنرل عاصم منير سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي  "ڊجيٽل دهشتگرد” قرار ڏنو آهي. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ سخت ٻولي ڳالهائي، هن جو واضح اشارو عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ڏانهن هو. آرمي چيف کليل ۽ سخت لفظن جو استعمال ڪري ڪنهن به ڊيل واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پشاور ۾ پي ٽي آءِ پاران 9 مئي جي حوالي سان وڏو جلسو ڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ ناڪام بڻائڻ جي صورت ۾ سندس مدي ۾ 6 مهينا واڌ گهري هئي، هن عمران خان کي چيو هو ته جيڪڏهن سندس مدو 6 مهينا وڌايو وڃي ته هو سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناڪام بڻائيندو، پر عمران خان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

  • 9 مئي ريلي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت، تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ عامر مغل جي عبوري ضمانت منظور ڪري  ورتي. تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت تي 9مئي تي احتجاجي ريلي ڪڍڻ خلاف داخل ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وارِي درخواست تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ارشد محمود جـَسرا ڪئي. بئريسٽر گوهر، شعيب شاهين ۽ عامر مغل وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. بعد ۾ عدالت، پنج- پنج هزار روپين جي مچلڪن عيوض پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ساڳي ئي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪندي دليل طلب ڪري ورتا.

  • ايس آءِ ايف سي جو مقصد قبضو ڪرڻ ناهي، ناڪاري پروپيگنڊا پئي ٿئي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ۽ ڊي جِي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو مقصد ڪنهن اداري جي جڳهه وٺڻ يا قبضو ڪرڻ ناهي. ڊي جي آءِ ايس  پي آر بيان ۾ چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ معيشت جَي ٻين شعبن ۾ فوج جو ڪردار حڪومت جي مرضي مطابق صرف ۽ صرف سهولتڪاري جو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪ فوج جي اعليٰ انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت چاهي ٿي ته اُن سان پاڪستان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سهولتڪاري ۽ رابطي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج جي صلاحيتن کي معيشت جي بهتري لاءِ سڄي دنيا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اُن جي هاڪاري قدمن کي به تنقيد جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.  سندس چوڻ هو ته ايس آءِ ايف سي هڪ شفاف ادارو آهي، جنهن ۾ اعليٰ پيشوراڻي صلاحيتن جي حامل سول ۽ فوجي آفيسر گڏيل سهڪار سان ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

  • 9-مئي واقعي جي اصل ذميوارن کي سزا ملڻ جا چٽا امڪان  

اسلام آباد( امداد سومرو): سياست ۾ ويڙهاڪ نه ٿيندا آهن پر ورڪر ٿيندا آهن، عمران خان جو اهو چون ته تحريڪ انصاف ۾ ڪي بورڊ واريئرس موجود آهن، معاملي کي سنگين بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي بنياد بڻائي آرمي چيف پنهنجي گذريل ڏينهن واري لاهور گيريزن ۾ ڪيل خطاب دوران اهو چيو ته  9- مئي جي واقعي بعد پاڪستان جي سگهارن ادارن ۽ ملڪي مفاد خلاف ڊجيٽل دهشتگردي ڪئي وئي آهي، تنهنڪري اهڙن عنصرن خلاف ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. 9- مئي جي پس منظر ۾ هاڻي صورتحال اها آهي جو فوجي قيادت ۽ اسٽبلشمينٽ ذميوار عناصرن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته اڳ صورتحال ڪجهه مختلف هُئي ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت لاءِ معافي تلافيءَ جي گنجائش ضرور موجود هُئي.اهڙو تجزيو نامياري ولاگر امداد سومرو  9-  مئي جي حوالي سان ڪيو آهي.9- مئي جو ڏينهن ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ڪاري باب جي صورت ۾ ياد ڪيو ويندو جنهن ڪري ملڪ جو وقار عالمي سطح تائين متاثر ٿيو آهي. 9- مئي جي حوالي سان مجرمن کي سزائون ڏيارڻ ۾ دير جي ڪري واقعي جي ذميوارن جا حوصلا بلند ٿيا آهن ۽ انهن حڪومت جي خلاف منفي پروپيگنڊ پئي ڪئي ۽ اهو بانور پئي ڪرايو ته حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ عمران خان خان ڊڄي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس خلاف ڪوبه قدم نه پيو کنيو وڃي. پي ٽي آءِ ۽ اسبلشمينٽ وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال مان اها ڳالهه ته واضع ٿي آهي ته اسٽبلشمينٽ 9- مئي جي واقعي جي اصل ذميوارن کي سزا ڏيارڻ چاهي ٿي اهو ئي سبب آهي ته سپريم ڪورٽ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيترن ئي ورڪرن کي آزاد ڪيو آهي، جن ۾ ڪجهه عورت ورڪر به شامل آهن. جڏهن ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته باقي ذميوارن خلاف سختيءَ سان قدم کنيو وڃي، آرمي چيف به اهو ئي چئي چڪو آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ 9- مئي جي پرتشدد احتجاج کي منظم ڪندڙ عنصر هزارن جي انگ ۾ معصوم ماڻهن کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي، جن کي هرصورت ۾ سزا ملڻ گهري.

  • پنجاب اسيمبليءَ جي 27 مخصوص ميمبرن جي رڪنيت معطل

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب اسيمبليءَ جي مخصوص ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخصوص سيٽون معطل ڪيون ويون. عورتن ۽ اقليتن جون اِهي 27 مخصوص سيٽون حڪومت اتحاد کي مليون هيون، ن ليگ جا 23 ميمبر معطل ٿيا جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انگ 203 آهي.اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان مخالف ڌر اڳواڻ راڻا آفتاب جو مخصوص سيٽن تي پوائنٽ آف آرڊر درست قرار ڏنو.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي ڪوٽا جون سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪيو هو.

  • عدالتي ڪميشن نه ٺهندي ڇو ته سڀ وائکا ٿيندا: جاويد هاشمي

اسلام آباد ( م ڊ ) سينيئر  سياستدان جاويد هاشمي  چيو آهي ته 2014ع وارو ڌرڻو نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ هو، ان وقت مون عمران خان کي چيو هو ته اوهان کي اقتدار ته ڏنو ويندو پر  ڪجهه وقت کان پوءِ اوهان کي به بلڪل ايئن ئي هٽايو ۽ جيل ۾ وڌو ويندو جيئن نواز شريف سان ڪيو پيو وڃي پر ان وقت عمران  خان منهنجي ڳالهه نه مڃي، 9 مئي واري متعلق جاويد هاشمي چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن تي ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون پر هن  مهل تائين ڪنهن کي سزا نه اچي سگهي آهي 9 مئي وارو واقعو پارٽي کي ٽوڙڻ جي سازش هئي جيڪي ماڻهو سزا جي ڊپ کان پارٽي ڇڏي ويا هئا هاڻ اهي پڇتائي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو اڃا تائين پارٽي سان سلهاڙيل آهن تن کي به ڪا سزا ناهي آئي، جاويد هاشمي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ پنهنجا ماڻهو پارٽي ۾ داخل ڪرايا جيڪي مختلف تڪن تان چونڊون وڙهي اسيمبلين ۾ پڻ پهتا ۽ پارٽي جي اهم عهدن تي فائز ٿيا جنهن جو نتيجو اهو  نڪتو آهي جو پي ٽي آءِ  موجوده وقت ۾ پنج ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ جاويد هاشمي چيو ته 9 مئي وارو واقعو  هجي يا ٻيو ڪو ڪنهن به مسئلي تي جوڊيشل ڪميٽي نه ٺهندي ڇاڪاڻ ته ان جي اسٽيبلشميٽ ڪڏهن  به اجازت نه ڏيندي، هن چيو ته هن ملڪ جي اها بدقسمتي رهي آهي جو گذريل 76 سالن کان طاقتور ماڻهو ادارن جو اختيار پاڻ وٽ رکندا پيا اچن، هن چيو ته اهي ماڻهو يوسي ليول کان وٺي مرڪز سطح تائين حڪومتي معاملن ۾ مداخلت ڪندا رهن ٿا، هتي وزير اعظم جو وجود ته هجي ٿو پر عملي طور اهو بي اختيار هوندو آهي سندس اختيار ڪنهن ٻي جي قبضي ۾ هوندو آهي

  • ڪي پي واسين کي چور نه چئو، وفاق انتهائي قدم کڻن تي مجبور نه ڪري

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خبردار ڪيو آهي ته صوبي ۾ لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي ۽  اسان کي ڪو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته منهنجي صوبي جو عوام کي بجليءَ ۽ گئس چور چيو ويندو ته برداشت نه ڪندس. هن چيو ته وفاق اسان جي صوبي جي عوام کي چوڻ بند ڪري، صوبي ۾ بجلي ۽ گئس جي ناجائز لوڊ شيڊنگ برادشت نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هوته قبائلي علائقي جي ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي اسان مٿن وڌيڪ ڪنهن به قسم جو بار نه وجهڻ ڏينداسين. هن چيو ته مان عوام کي رليف ڏيڻ چاهيان هٿو جنهن لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، صوبائي حڪومت جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ۽ ٻيون سهولتون بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.علي امين وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام پنهنجي حقن تي راتاهو هڻڻ تي وفاق خلاف تحريڪ هلائيندو ڇو ته اسان سان مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، وفاق صوبي جا 1510 ارب رپيا واپس ڪري.

  • پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي ڪاميابي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ موجود اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪراچي جي پي ايس 97۾ ايم ڪيو ايم شوڪت علي جي ڪاميابي کي تحريڪ انصاف جي حمايت يافته  اميدوار بشير سوڊهر چيلئنج ڪيو آهي . عدالت اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي 23 مئي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته هو فارم 45۾ ڪامياب هو، پر فارم 47 ۾ايم ڪيو ايم جي اميدوار شوڪت علي کي ڪاميباب قرار ڏنو ويو آهي، هن جو نوٽيفڪشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي .ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي ڪامياب اميدوار علي خورشيدي جي خلاف تحريڪ انصاف جي سعيد آفريدي درخواست داخل ڪئي آهي .ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي علي خرم خورشيدي پاران اليڪشن ٽربيونل ۾ وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرايو، اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

  • پي ٽي آءِ جو 9مئي واقعن تي فوج کان معافي وٺڻ کان انڪار

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) فوج جي معافي جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تازي پريس  ڪانفرنس غير آئيني، غير قانوني، حد کان وڌيڪ طاقتن ۽ تضادن جو مجموعو آهي ۽ ان سان پاڪ فوج جي وقار ۽ آئيني ڪردار تي انتهائي ناڪاري اثر پيو.پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران ڪروڙين پاڪستانين جي نمائندگي ڪندڙ سياسي جماعت کي ’انتشار پسند گروپ‘ قرار ڏئي معافي جو مطالبو متفقه طور تي رد ڪيون ٿا.پي ٽي آءِ جي بيان موجب 9 مئي جي فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ۽ ڪروڙين پاڪستانين جي نمائنده جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي خلاف ڪوڙي، زهريلي، گمراهي واري مهم کي رد ڪري ٿي. بيان موجب ”پي ٽي آءِ مسلسل 9 مئي جي فالس فليگ آپريشن جي مذمت ڪندي اعليٰ سطحي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن پرتشدد واقعن جي ذميوارن جي نشاندهي ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف اڳوڻي نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ جي بيان جي روشني ۾ 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

  • پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جو اصولي فيصلو، تياريون تيز

اسلام آباد (گوهر بٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊ وٺڻ جو فيصلو پهريان ئي آيل آهي، هاڻي ان کي بنياد بڻائي شپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي. ان درخواست جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي. ان عمل کي ڪنهن به وقت شروع ڪري سگهجي ٿو. معلوم ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ معافي نامو لکي عمران خان ڏانهن کڻي ويا پر هن معافي نامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب عمران خان جو موقف هو ته معافي وٺڻ جو ڪو به فائدو ناهي، اها معافي نامو قبول ئي نه ٿيندو. ٻڌايو پيو وڃي ته اڳوڻي صدر عارف علوي عمران خان تي زور ڀريو ته معافي وٺي جان ڇڏايو، عمران خان اڃا تائين غور ويچار ڪري رهيو آهي، هن ان ڏس ۾ ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.