اسلام آباد (م ڊ)آئي ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال مهنگائي 24.8 سيڪڙو جڏهن ته ايندڙ سال 12.7 تائين اچي ويندي، آئي ايم ايف پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ سال بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو جڏهن ته ايندڙ سال 7.5 تايئن اچڻ جو امڪان آهي ۽ مالي خسارو 7.5 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال جي ڊي پي جو 7.4 سيڪڙي تائين رهڻ جي اميد آهي. آئي ايم ايف چيو آهي ته معاشي استحڪام جي باوجود به پاڪستاني معيشت کي خطرا درپيش آهن، آئي ايم ايف وڌيڪ اهو به چيو ته معاشي استحڪام سان گڏ قرض جي واپسي واري شرح ۾ پڻ بهتري آئي آهي، پاڪستان جي معيشت کي ڪيئي چيلنجز درپيش آهن مضبوط ۽ پائيدار معاشي ترقي ۽ اصلاح لاءِ تعاون واري پاليسي جاري رکڻي پوندي. اسان سان گڏ آئي ايم ايف پاڪستان تي مالي حدف پورا ڪرڻ لاءِ پڻ زور ڀريو، ان سلسلي ۾ آئي ايم ايف جو چوڻ آهي ته بيسڊ ايڪسچينج ريٽ واري پاليسي کي برقرار رکيو وڃي ٻئي ۽ آخري اقتصادي جائزي کي پورو ڪرڻ واري ڪوشش حڪومتي نمائندن جي محنت جو نتيجو آهي، پاڪستان جي معاشي مضبوطي جا امڪان واضح آهن