ارسا برساتن کانپوءِ صوبن جي پاڻي جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ )  انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) برساتن کانپوءِ صوبن جي پاڻي جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ارسا پاران  جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڻي جي آمد ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ خريف لاءِ پاڻي جي کوٽ 30 سيڪڙو کان گهٽجي 21 سيڪڙو ٿي وئي آهي. بيان موجب ملڪ ۾ تازين برساتن سبب پاڻي جي ذخيري ۾ 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ اضافو ٿيو آهي. ارسا موجب اڄ تائين تربيلا، منگلا ۽ چشما ۾ پاڻي جا ذخيرا 4.358 ملين ايڪڙ فوٽ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.