اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ڪجهه ڏينهن پهريان مشهور اينڪر پرسن منصور علي خان جي پروگرام ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شوڪت بسرا مسلم ليگ جي اڳواڻ عظميٰ ڪاردار تي مختلف الزام هنيا، جنهن تي عظميٰ ڪاردار عثمان سليم ايڊووڪيٽ جي معرفت هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪئي، جنهن تي عدالت پاران شوڪت بسرا کي 30 ڏينهن جي اندر معافي يا 30 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
-
پي ٽي آءِ پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ شيخ وقاص جو نالو فائنل
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ شيخ وقاص اڪرم جو نالو فائنل ڪري ورتو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ لاءِ شيخ وقاص اڪرم جو نالو فائنل ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ علي محمد خان جي نالي تي به غور ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي آخرڪار شيخ وقاص اڪرم جو نالو فائنل ڪري ورتو. پارٽي ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان به شيخ وقاص اڪرم جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سياسي ڪميٽي ميمبر قومي اسيمبلي شيخ وقاص اڪرم جو نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپيڪر کي موڪليندي.