جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي پاران سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ پريا ڪماري جي اغوا خلاف ريلي

جيڪب آباد ( رپورٽ:  حضور بخش سومرو ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اچو ته سنڌ سنواريون جي عنوان هيٺ هڪ احتجاجي جلوس مرڪزي وائس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، ڊويزنل  اڳواڻ عبدالرزاق لاشاري، ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ جهنڊا هئا جلوس ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پهچي شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي وئي امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ڦر ڌاڙا اغوا ۽ قتل جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن ڪچي ۽ پڪي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي سنڌ واسين جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري ٽن ورهين کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد بڻيل آهي معصوم جي امڙ روئي روئي بيحال ٿي وئي سنڌ حڪومت توڙي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪيو ويو چونڊن ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن پڪي جي ڌاڙيلن جي سپورٽ ڪئي اڄ سنڌ واسي ان جو لوڙ لوڙي رهيا آهن هر ماڻهو بدامني جي ور چڙهي ويو، هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هٿرادو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪئي وئي مزدور توڙي وچولو طبقو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهي، آبادگارن کي ڪڻڪ جو بارداڻو ڏيڻ بدران مافيا کي ڏئي زراعت جي چيلهه ڀڃي ڇڏي وئي آهي هنن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري سبب نوجوان ۽ پڙهيل لکيل طبقو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو آهي،  هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ختم ڪئي وڃي پريا ڪماري سميت مغوي فورن بازياب ڪرائي ڪچي جي ڌاڙيلن کي نست ۽ نابود ڪيو وڃي سنڌ واسين کي بهتر روزگار ڏئي ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.