ميرپور خاص/ نواب شاهه (ڊر)سنڌ حڪومت سنڌ ۾ 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ جو نوجوان باشعور، باادب ۽ باوقار آھي ان کي محنت سان اڳتي اچڻو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي چونڊيل نمائندن جو ھڪ اجلاس ٿيو. جنھن ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار، شاھد ٿھيم، سينيٽر قرت العين مري، ايم اين اي سيد ابرار شاهه، ايم پي اي مڪيش ڪمار چاولا، جاويد آرائين، غلام قادر چانڊيو، صلاح الدين جوڻيجو، ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر، ڊي آئي جي پرويز احمد چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ عمران الحسن خواجہ، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم ، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ آھي تہ پارٽي ڪارڪن ترقياتي پروگرامن ۾ پنھنجا مشورا ڏين. ھاڻي سنڌ حڪومت ڪارڪن ھلائيندا اوھان جي مشاورت لاءِ مان اوھان سان ملڻ آيو آھيان. ھن وڌيڪ چيو ته گذريل سال 14 لک ٽن مان 11 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي 4 لک ٽن ڪڻڪ اسان جي گدامن ۾ پئي ھئي ۽ اسان جي ضرورت 13 لک ٽن ھئي جڏھن ته سنڌ حڪومت پاران 9 لک ٽن ڪڻڪ خريداري جو فيصلو ڪيو ۽ نئين قيمت 4 ھزار روپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي پر بدقسمتي سان نگران دور ۾ وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي جيڪا نہ ڪرڻي ھئي .ميرپور خاص ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ٽن ڏينهن اندر اسڪيمون ٺاھي ڏنل پروفارما تي ڀري اسان کي موڪلين. ھن چيو ته صحت; تعليم ۽ اجاگر ڪيل ٻين مسئلن کي حل ڪيويندو خاص طور يونيورسٹي، ميرپورخاص آء بي اي ڪيمپس سول اسپتال جي مسئلن کي ترجيعي بنيادن تي حل ڪري عوام کي بنيادي سھولتن جي فراھمي کي يقيني بڻايو ويندو. جمڙائو ڪينال جي لائننگ ڪرائي ويندي. ان موقعي تي ٿرپارڪر جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٿر ۾ ڪيترائي آر او پلانٽ غير فعال آهن. وڏي وزير چيو ته هن ٿر جي عوام جي وڏي مفاد ۾ ڪم ڪندڙ سمورن آر او پلانٽس جي مرمت لاءِ اسڪيم تيار ڪئي آهي.