پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جو اعلان

لاهور ( بيورو+ م ڊ ) حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿيڻ سبب هاري پريشان آهن، جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.  پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت جو ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز  مڊل ڪلاس بدران هارين کي سڌو سنئون فائدو ڏيڻ چاهي ٿي، حڪومت هارين جا حق مارڻ سان وچي طبقي کي فائدو نه ٿي ڏئي سگهي. خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ 22 لک 70 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪڏهن پنجاب وٽ هڪ سال جي ڪڻڪ آهي ته  پوءِ وڌيڪ ڪيئن خريد ڪري سگهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.