ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ اينٽي انڪروچمنٽ فورس جي 42 ملازمن جي مستقل ڪرڻ واري ڪيس ۾ سينيئر ميمبر بورد آف روينيو جي خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سينيئر ميمبر بورد آف روينيو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو وڪيل جو چوڻ آهي سمري وڏي وزير سنڌ کي موڪلي وئي آهي پر عمل نه ٿيو آهي .هن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.