حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ 85 ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ بارداڻي جي ورهاست ۾ گهوٻيون هڻڻ ۽ آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ تي خوراڪ کاتي ۽ روينيو کاتي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس مرڪزي آفيس ۾ اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ آبادگار اڳواڻن محمد انوارالحق، مير ظفرالله ٽالپر، محب علي مري، جاويد رياض، عبدالرزاق ابڙيجو، خان محمد ڪمبوھه، عبدالحق زئنور، عبدالرحيم درس، شريف نظاماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ م 47 لک ٽن ڪڻڪ اسٽاڪ ھجڻ باوجود ٻاھران ناقص ڪڻڪ گھرائي آبادگارن کي نقصان ڏنو ويو، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جتي به بارداڻو ڏنو ويو آھي انھن سمورن ضلعن جي لسٽ ڏني وڃي،
اجلاس ۾ سنڌ آبادگار اتحاد پاران پنجاب جي آبادگارن جي احتجاجي تحريڪ جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته گرفتار آبادگارن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انھن جا مطالبا ترجيحي بنيادن تي منظور ڪيا وڃن. اجلاس ۾ چيو ويو ته پنجاب جا تڪراري فلڊ ڪينالز اڄ به کليل آھن، جيڪا آبي دھشتگردي آھي. ان ڳالھه تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي ھجڻ باوجود به آبپاشي کاتي جي بدانتظامي سبب اڏيرو لعل ڪراس ريگيوليٽري کان ھيٺ وارن علائقن ۾ پاڻي ناھي ان ۾ روھڙي ڪينال سرڪل وارا علائقا پڻ شامل آھن، جتي ھٿرادو غيرقانوني اڻ اعلانيل وارابندي جاري آھي ۽ پاڻي کي ڪاروبار بڻايو ويو آھي. آبادگارن کان پاڻي عيوض رشوت جا مطالبا ڪيا پيا وڃن، اجلاس ۾ آبادگارن بڪيراڻي سب ڊويزن جي ايس ڊي او ذوالفقار لاشاري کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان جڳھه تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري پاڻي پھچايو وڃي، ھنن وڌيڪ چيو ته خيرپور گمبوھه جي پڇڙ ۾ آبادگارن کي پڻ پاڻي نہ پيو ڏنو وڃي، جنھن سبب اتي جا آبادگار پاڻي جا منتظر آھن، سندن فصل سڙي سڪي رھيا آھن. اجلاس ۾ پيرينل ڪينالز تي سارين جي پوکائي تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور تي ان عمل تي ڪاروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سارين جي نقلي ٻج جي وڪري تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ خاص طور تي ڏکڻ ۽ اتر سنڌ ۾ سارين جو ٻج نقل وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ يوريا سميت ڪيميائي ڀاڻن جي ھر روز وڌندڙ اگھن تي پڻ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڀاڻ مافيا به ھٿرادو کوٽ ۽ اگھه جو جواز ڄاڻائي 250 ارب روپيا آبادگارن کان وصول ڪيا آھن، جنھن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.