خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

مورو/ ڪي اين شاهه (شاهنواز ڀٽي+اختر مشوري) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ڪار ۾ سوار 2 عورتن  سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي ۾  ڪار جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو، حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ ياسر، غلام اصغر، ارشاد خاتون زال غلام اصغر ۽ دلشاد زال فاروق ميمڻ شامل آهن،  مورو جي پير بخاري محلي سان تعلق رکندڙ ڪٽنب ڪار ۾ سوار ٿي تعزيت لاءِ ڪي اين شاهه وڃي رهيو هو ته ساڻن حادثو پيش آيو، حادثي بعد ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار، پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.