ڪڻڪ اسڪينڊل: ٽائيم فريم ۾ واڌ، رپورٽ ايندڙ هفتي طلب

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ)اربين رپين جي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ واري جاچ معاملي تي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي سربراهي ۾ قائم جاچ  ڪميٽي جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جا اصل سبب سامهون اچي ويا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جاچ ڪميٽي جي مئنڊيٽ ۾ وڌيڪ واڌ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن خراب ڪڻڪ جي جاچ وارو معاملو نج سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي سربراهي ۾ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي.امپورٽ ٿيل ڪڻڪ بابت جاچ ڪميٽي جو ٽائيم فريم به وڌايو ويو آهي، ڪميٽي هلندڙ هفتي سڄي معاملي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم کي پيش ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.