سامارو (رپورٽ: ڪيول سورماڻي ) سامارو لڳ بودرفارم ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ الهڏنو مهر ۾ رهواسيڻ ڪويتا زال نارائڻ ڀيل جو گهر ۾ مان هٿ آيل لاش واري مامري جو بودرفارم ٿاڻي تي ناري ڪويتا جي والد ٻڍو ڀيل جي فرياد تي جوابدار نارائڻ ڀيل خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ناري جي والد ٻڍو ڀيل ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته ڪويتا کي اڳ ۾ به مارڪٽ ڪندو رهيو آھي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون آھن ڌي جي مڙس نارائڻ ڀيل گهٽا ڏئي مٿي تي ڌڪ هڻي قتل ڪيو آهي جيڪو اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي بودرفارم پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار نارائڻ ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آھي ٻي پاسي لاش جو سول اسپتال عمرڪوٽ مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آھي ٻي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ناري تي تشدد ڪرڻ جا نشان ظاهر ٿيا آھن.