پير جو ڳوٺ/ خيرپور/ پريالوءِ (نمائندا ) پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ٻاهران فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي ڪيلن جي باغ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ته ڀنگر برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ٻن پورهيت نوجوانن 16 سالر ثناءُ الله پٽ نصير احمد ڄامڙو ۽ 17 سال عبدالشڪور پٽ نظير ڄامڙو کي اغوا ڪري ڳوٺ ٻاهران بچاءُ بند وٽ وٺي وڃي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا هوڏانهن اطلاع ملڻ تي ڄامڙا برادري جي ڪيترائي ماڻهون پهڇي ويا هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي وئي جنهن بعد ٻنهي مقتولن جا لاش پوليس کڻائي تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ پهچايا . قتل ٿي ويل ٻنهي مقتولن جي وارثن نصير ڄامڙو جو چوڻ آهي ته اسان جي ٻنهي مقتول نوجوانن کي فاروق ڀنگر ۽پپن عرف راجا ڀنگر اسان جي نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن هنن وڌيڪ چيو ته ڪجه ڏينهن اڳ فاروق ڀنگر ۽ راجا ڀنگر ۽ اياز ڀنگر اسان جي زرعي زمين تان سولر پليٽون ۽ موٽر چوري ڪندي فيض محمد ٻنڊو پوليس هٿان موقعي واردات تان گرفتار ٿيا هئا،جنهن بعد فاروق ڀنگر ۽ اياز راجا ڀنگر مسلسل موت مار ڌمڪيون ڏيندا هئا اڄ ھنن حملو ڪري اسان جا ٻه نوجوان قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي .آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.