قومي اسيمبلي ۾ ٽيڪس قانون ترميمي بل منظور، اپوزيشن جي مخالفت

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع منظور ڪري ورتو. ڪالهه سومر ڏينهن اسپيڪر اياز صادق جي صدارت  هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏني وئي. قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته مخالف ڌر بل جي مخالفت ڪري ٿي. مخالف ڌر جي اڳواڻ سوال اٿاريو ته ڇا هتي ويٺل سمورن ميمبرن اهو بل پڙهيو آهي؟ قانون واري وزير چيو ته 2700 ارب رپين جا ٽيڪس ڪيس مختلف عدالتن ۾ التوا ۾ آهن، بل ۾ ڪجهه بنيادي سڌارا به تجويز ڪيا ويا آهن. ايوان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته بل ۾ زيب جعفر ۽ بئريسٽر عقيل ملڪ جي ترميم جي به منظوري ڏني وئي. جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. سينيٽ ۾ به بل پيش ڪيو ويو، جتي مخالف ڌر سان گڏ سرڪاري ميمبرن به اعتراض ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.