ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي پوڻا 19 رپيا يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شهرين کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ 7 مهينن جي ماهوار ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 18 رپيا 86  پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع جي مهيني جي ايڊجسٽمنٽ ۾ واڌ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪمپني 2 مهينن لاءِ 29 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي. نيپرا اهڙي درخواست تي 9 مئي تي ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ حڪومت شهرين لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 2 رپيا 75 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي هئي، جڏهن ته ان فيصلي کانپوءِ ڪجهه ڏينهن بعد بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ 4 رپيا 92 پئسا واڌ ڪئي وئي هئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.