خان پور ۾ پنج سئو رپين جي ڳالهه تان ڇڪتاڻ جو نبيرو، 87 لک رپيا ڏنڊ

لکي غلام شاهه(رپورٽ: نديم جان مهر) خانپور ۾ پنج سئو رپين جي ڳالھه تان ٿيل ڇڪتاڻ جو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر وٽ نبيرو ٿيو، ٻنهي ڌرين مٿان 87 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، بلوچ ڌر تي 86 لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي، مهر ڌر مٿان نوجوان کي زخمي ڪرڻ جو هڪ لک رکيو ويو، ڳوٺ جمعو مھر واسي عبدالخالق مھر ۽ خانپور واسي حافظ طارق بلوچ جي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر وٽ وزير آباد ۾ نبيرو ڪيو ويو، جرڳي ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد امين غوث بخش مھر پاران عبدالخالق مھر جي ڌر تي خانپور واسي دڪاندار کي زخمي ڪرڻ جا ھڪ لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، دڪاندار کي زخمي ڪرڻ بعد پوليس آپريشن ۾ خالق مھر جي ڌر جا گھر ساڙڻ ۽ ڊاھي نقصان ڪرڻ جا حافظ طارق بلوچ تي 86 لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي، ڌرين جي ماڻھن طرفان تصديق ڪئي وئي، عبدالخالق مھر جي ڌر بيان ڪيو ته حافظ طارق بلوچ جي دڪان تان ٻه سال اڳ روز مرھ جو سامان خريد ڪري کيس ھزار جي جڳھ تي پنج سئو رپيا ڏنا، جنھن بعد ھن اسان جي ڌر جي نوجوان جي موبائل وٺي پاڻ وٽ رکي جنھن کانپوءِ معاملو ھلندڙ رھو، ڪجھه ڏينھن اڳ سندس دڪان تي وياسين ته منھن ماري ٿي پئي، جنھن ۾ حافظ طارق بلوچ جو ڀاءُ معمولي زخمي ٿيو ته ھن ايف آءِ آر ڪرائي پوليس جو آپريشن ڪرايو جنھن سبب پوليس اسان جا سمورا گھر ڊاھي پٽ ڪري تقريبن 86 لک رپين جو نقصان ڪيو ويو، جنھن بعد امين پاران حافظ طارق بلوچ جي زخمي ڀاءُ جو ھڪ لک رپيا ڏنڊ خالق مھر جي ڌر تي مقرر ڪيو، جڏھن ته پوليس آپريشن ڪرائي خالق مھر جي ڌر جا گھر ڊھرائڻ جا 86 لک رپيا حافظ طارق بلوچ جي ڌر تي چٽي مقرر ڪئي وئي، امين پاران اها به فتويٰ جاري ڪئي وئي  ته ھڪ لک رپيا ڪٽ ڪري باقي 85 لک رپيا خالق مھر جي ڌر کي ٽن قسطن م ادا ڪيا وڃن، جنھن بعد حافظ طارق بلوچ جي ڌر پاران موقعي تي پنجاھ ھزار رپيا ادا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.