ڪي پي جو وڏو وزير ذميواريون نڀائي، بدمعاشي ڪئي وئي ته گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو: فيصل واوڊا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ بابت خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن بدمعاشي ڪئي وئي ته گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته سڀني جي ڪوشش هوندي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پنهنجون ذميواريون نڀائي.
هن چيو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي چوندس ته پنهنجي حڪومت هلائي، هاءِ ڪورٽ جي آرڊر کانپوءِ هڪ انچ جي غلطي به سندس نااهلي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته اسان جي خواهش آهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي ئي گورنر خيبرپختونخوا رهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جي نالي جو ڪڻو نڪتو ته پوءِ اِهو سياسي نه هوندو، فيصل ڪريم ڪنڊي جي نالي تي اسان کي ڪو مسئلو ناهي.
سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته جيڪڏهن هاڻي به هو پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي خواهش رکي ٿو ته پوءِ ڀتن کي ٽڪر هڻندو رهي، ڀت کي ڪجهه نه ٿيندو ۽ ڀتن سان مٿو ٽڪرائڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو.
هن چيو ته هڪ ئي رستو آهي ته سياسي طور وزيراعظم ۽ صدر وٽ وڃن، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات سان سندن مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، هر مسئلي جي چاٻي صدر آصف علي زرداري وٽ هوندي آهي.
سينيٽر فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته نواز شريف جو بيان ۽ سندس اسيمبلي ۾ اچڻ ٻڌائي ٿو ته هو حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.