سياسي ۽ جمهوري نظام جي مضبوطي سان ئي ملڪي معيشت ٺيڪ ٿيندي

معاشي ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو هي آخري موقعو آهي، هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي معاشي ماهرن جو چوڻ هو ته ايندڙ ٻن سالن تائين معاشي بهتري جي اميد ناهي. هڪ معاشي ماهر جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان جي معيشت جو ايندڙ ٻن سالن تائين بهتر ٿيڻ جو ڪو امڪان انهيءَ ان جو بنيادي ڪارڻ ملڪ جي معاشي پاليسي ۾ تسلسل نه هجڻ ڄاڻايو ويو. ٻئي پاسي عاصمه جهانگير فائونڊيشن طرفان لاهور ۾ ڪرايل ڪانفرنس ۾ پڻ مقررن ڄاڻايو آهي ته هاڻي به آمريت پردي ۾ لڪيل آهي، پارليامينٽ ۽ عدليا آزاد ناهن ۽ نه ئي فيصلائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

اڄ ڪلهه ملڪ اندر مضبوط معيشت بابت هر ڪو ڳالهائي رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ ته ”ميثاق معيشت“ جي آڇ به ڏئي رهيون آهن اها به حقيقت آهي ته ڪورونا جي وبا کان پوءِ جتي سڄي دنيا جي معاشي صورتحال خراب ٿي آهي اتي پاڪستان جهڙن غريب ملڪن جي معيشت ته بلڪل ئي ٺپ ٿي وئي آهي پر اها به حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ کي غلط رياستي ۽ حڪومتي پاليسين به سخت هاڃو رسايو آهي خاص ڪري غير جمهوري نظام ۽ ان جي تسلسل هن ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ناهي ڏنو. اها ڪا لڪيل ڍڪيل ڳالهه به ناهي.

ملڪ جي سياسي ۽ حڪومتي تاريخ هر دور ۾ ان تلخ حقيقت جي نشاندهي ڪندي رهي آهي ته جيستائين ملڪ اندر جمهوري نظام مضبوط نه ٿيندو، پاليسين ۾ تسلسل نه هوندو تيستائين ملڪ ۽ عوام ترقي نه ڪري سگهندو ۽ نه ئي ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهندي. ضرورت رڳو ان حقيقت کي تسليم ڪري پنهنجي اصلاح ڪرڻ جي آهي ۽ اهو ڪم ملڪي اسٽيبلشميٽ جو ئي آهي ته اها ان حقيقت کي تسليم ڪري پنهنجي اصلاح ڪري ۽ ملڪ کي مضبوط جمهوري نظام بڻائڻ جي رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪري  پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ  ئي اصل ۾ ملڪي وهنوار جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ رکڻ چاهيو آهي جنهن ڪري ئي ملڪ اندر جمهوري اقتداري نظام  مضبوط  نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري ملڪي معيشت به سگهاري نه ٿي سگهي آهي.

پ پ  ۽ مسلم ليگ(ن) ان ڊگهي ۽ تلخ سياسي ۽ حڪومتي تجربن جي نتيجي ۾ ئي ان جاءِ تي پهتيون آهن جتي اهي هاڻي ميثاق معيشت جي ضرورت کي محسوس ڪري رهيون آ هن. ان کان اڳ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ، جنرل مشرف جي حڪومتي دور ۾ ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي هئي ته سياسي جٽاءُ داري لاءِ ملڪ جي ٻن وڏين اقتداري جماعتن کي پاڻ ۾ ميثاق جمهوريت ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ انهن اهو جمهوري معاهدو ڪري به ڏيکاريو جنهن جا ڪافي مثبت نتيجا نڪتا آهن.  ميثاق جمهوريت جي  مثبت نتيجن جي صورت ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هاڻي  جيڪا ميثاق معيشٽ جي ڳالهه ڪن ٿيون تنهن جو مطلب اهو آهي ته ملڪ جو سڀ ئي اسٽيڪ هولڊرن ڌريون ان معاهدي تي راضي ٿين.

جمهوريت جي مضبوطي جي راهه ۾ جتي اسٽيبلشمينٽ تاريخي طور تي رنڊڪ بڻيل رهي آهي اتي سياسي جماعتن ۾ هن وقت تحريڪ انصاف جي جماعت اهو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جي قيادت کي به  پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جي قيادت وانگر ڪجهه تلخ تجربن کانپوءِ ئي  اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي. هن وقت اها جماعت مائنس پ پ ۽ نواز ليگ جي پاليسي ٿي هلي رهي آهي جيڪا غلط سياست آهي. جڏهن ته درست سياست جي تقاضا اها آهي ته پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪجي، ان لاءِ سڀني پارلياماني جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي.

مطلب ته جيستائين ملڪ اندر جمهوري نظام هڪ تسلسل ۽ هڪ پاليسي سان نه هلندو تيستائين ملڪ جي معيشت به مضبوط نه ٿي سگهندي. تنهن ڪري صاف شفاف چونڊون ڪرائي چونڊيل جماعت کي حڪمراني جو حق ڏئي ڪري ان کي آئيني ۽ قانوني طور پنجن سالن جي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ ان تسلسل سان ملڪ کي هلائڻ جو انتظام ڪيو وڃي ته ان سان ملڪي معيشت به مستقل پاليسي تحت بهتر ٿيندي ويندي.

 

آبادگارن ۽ هارين کي احتجاج جو مڪمل حق ڏنو وڃي

رپورٽون آهن ته پنجاب جي صوبائي حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي چيف منسٽر هائوس آڏو رٿيل احتجاج ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي. هارين ۽ آبادگارن جي تنظيمن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري رهي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي پنجاب جي صوبائي حڪومت جي سڌسماءُ جي وزير جو چوڻ آهي ته اها گمراهي هڪ سياسي جماعت پکيڙي رهي آهي حقيقت ايئن ناهي. حڪومت جو هارين ۽ آبادگارن تنظيمن جي اڳواڻن سان رابطو آهي ۽ سندن گرفتاري جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.

اسان جو خيال آهي ته جڏهن کان مريم نواز پنجاب جي وزيراعليٰ ٿي آهي ته هي پهريون واقعو هوندو جو آبادگارن ۽ هارين جو احتجاج مارچ چيف منسٽر هائوس ڏانهن وڃي رهيو آهي. سو هڪ سٺي وزيراعليٰ طور مريم نواز کي موقعو آهي ته اها هارين ۽ آبادگارن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ يا مٿس لٺ بازي ڪرڻ بدران يا چيف منسٽر هائوس تائين پهچڻ بدران پاڻ وڃي ساڻس ڳالهائي يا آبادگارن جي وفد کي عزت سان چيف منسٽر هائوس گهرائي ساڻن ڳالهيون ڪري. اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته جيئن محسوس ٿئي ته ملڪ اندر جمهوري حڪومت آهي جيڪا احتجاجن تي ارهو ٿيڻ بدران انهن کي عزت ڏئي ٿي.

اسان وٽ الائي ڇو حڪمران اهڙو مثال قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن ۽ هميشه احتجاج ڪندڙن سان سختي ڪئي ويندي آهي. اهڙي قسم جي سختي پوءِ حڪومت لاءِ ئي مسئلا پيدا ڪندي آهي. اهڙين سختين سان ئي پوءِ بغاوتون جنم وٺنديون آهن ۽ انقلاب ايندا آهن. سو هاڻي به خبرون ملي رهيون آهن ته پنجاب جي حڪومت احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي سختي ڪري رهي آهي مٿن لٺ بازي ٿي رهي آهي.

اصل ۾ انهن آبادگار تنظيمن جي احتجاج جو مقصد اهو آهي ته حڪومت آبادگارن کان سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري  جيئن آبادگارن کي ڪڻڪ جي بمپر فصل پيدا ٿيڻ جو مالي طور فائدو ٿئي. پر اسان جون حڪومتون بجاءِ انجي ته آبادگارن ۽ هارين کي بمپر فصل لهڻ  جي مبارڪ ڏئِي ۽ سندن همت افزائي لاءِ انعام ڏئي اها الٽو سندن جائز حق به نه ڏي ۽ حق گهرڻ تي مٿن لٺ بازي ڪري ۽ کين گرفتار ڪري ته ان تي ته رڳو افسوس جو اظهار ڪبو پر ان عمل جي مذمت به ڪبي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.