تحريڪ انصاف ۽ فوج ۾ ڳالهيون ؟

تحرير: انصار عباسي

تحريڪ انصاف جي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهش هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي، پر ٻئي طرف کان  نھ رڳو ”نولفٽ “ جو اشارو ملي رهيو آهي بلڪھ  تحريڪ انصاف کي ناڪاري قوت طور ڏٺو پيو وڃي.

هڪ پاسي تحريڪ انصاف جي باني طرفان  فوج جي اعليٰ قيادت تي بار بار تنقيد ڪئي وڃي ٿي ۽ مٿس مختلف الزام لڳايا وڃن ٿا،ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهين لاءِ بي چين نظر اچي رهي آهي.

تحريڪ انصاف جو هڪ اڳواڻ  ڪا ٻي ڳالھھ ڪري ٿو تھ ٻيو ڪجهه وري ڪا ٻي ڳالهه ڪري ٿو. شهريار آفريدي ٻه ڏينهن اڳ چيو هو ته تحريڪ انصاف موجوده حڪومت ۽ ن ليگ سان ڳالهيون نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ ڪٺ پتلي آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف رڳو آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪندي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني شروع کان ئي فوج سان ڳالهيون ڪرڻ  جي خواھش رکي ٿو، پر ٻئي طرف کان ڪو به جواب ناهي آيو. هن اها به دعويٰ ڪئي ته فوج سان جلد ڳالهيون ٿينديون. تحريڪ انصاف جي ان بيان بابت جڏهن مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب کان سوال ڪيو ويو تھ هن چيو ته ان  بابت معلومات  شهريار آفريدي کان وٺڻ گهرجي.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان پڇيو ويو ته هن اهو به چيو ته شهريار آفريدي کي ان حوالي سان ڄاڻ ھوندي. پر تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته هو ڪالهه به اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار هو، اڄ به تيار آهي ۽ سڀاڻي به تيار ھوندو، پر هن وقت تائين ان (اسٽيبلشمينٽ) سان رابطو ناهي ٿيو.

تحريڪ انصاف جي اها پاليسي سمجهھ کان  ٻاھر آهي ته جن سان ڳالھين ڪرڻ لاءِ  باني پي ٽي آءِ ۽ سندس پارٽيءَ بي چين آهي، انهن کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين ۽ ڪڏهن پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا، هر ٻئي ڏينهن ڪو نه ڪو بيان يا ڪا سوشل ميڊيا مھم اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي اعليٰ قيادت خلاف شروع ڪئي ويندي آهي.جن تي ايترا الزام لڳايا پيا وڃن، جن کي پنھنجو مخالف ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، جن جي خلاف پنهنجي ووٽرن ۽ سپورٽرن جي دلين ۽ دماغن ۾ زهر ڀريو پيو وڃي، انهن سان ڳالهين جو پوءِ ڪهڙو سوال آهي؟ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت خلاف الزام ۽ انھن خلاف بيانن ۽ سوشل ميڊيا پروپيگنڊا جو مقصد دراصل انھن کي  پي ٽي آءِ جي باني سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪرڻ آهي.

جيڪڏهن اهو سچ آهي، ته اهو ٿيندي نظر نٿو اچي. هاڻي جنهن ڏينهن شهريار آفريدي اهو بيان ڏنو ته تحريڪ انصاف رڳو آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، ان ئي ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران آرمي چيف جو ھڪ بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ هن جو چوڻ ھو  ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان آهيون ۽ اميد ظاھر ڪئي  ته عوام جي حمايت سان پاڪستان جي ترقيءَ  جي سفر ۾ رنڊڪ وجهندڙن جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿينديون.

آرمي چيف اهو به چيو ته ناڪاري پروپيگنڊا ۽ سوشل ميڊيا ٽرولنگ اسان جو ڌيان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ کان نٿو هٽائي سگهي. هن اهو به چيو ته هو پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي سفر ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام کي برداشت نه ڪنداسين ۽ گڏجي ناڪاري قوتن کي رد ڪنداسين.

اهڙا بيان اڳ به آرمي چيف ۽ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس طرفان آيا آھن ۽ عام طور تي اهو سمجهيو پيو وڃي ته انھن جو ھدف تحريڪ انصاف جي سياست  جو طريقو آهي. منهنجي نظر ۾ آرمي چيف جي ان بيان کي تحريڪ انصاف جي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهين جي خواهش جي حوالي سان  انڪار سمجهيو وڃي.

انهن حالتن ۾، ڏسون ٿا ته پاڪستان جي ”خيرخواهن جو گروپ“ (جنهن بابت مون تازو لکيو ھو ) ڇا عمران خان ۽ فوج جي وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ٿو؟ خير، جيڪڏهن ڪنهن کي اڃا به شڪ آهي ته پوءِ ان سوال تي ٻيهر غور ڪري ته ڇا عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سول بالادستي لاءِ جي جنگ  وڙهي رهيا آهن يا اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ وڙھي رھيا آھن ؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.