فلسطين جي حق ۾ شاگرد مظاھرن جو دائرو آمريڪا کان يورپ تائين پکڙجي ويو

آمريڪي يونيورسٽين ۾ فلسطين جي حق ۾ احتجاجن جو سلسلو هلندڙ آهي، پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪريون بھ ٿي رھيون آھن. هن وقت تائين 900 مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.انساني حقن جي چئمپين آمريڪا انتظاميا جي  اخلاقيت ۽ قانون جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن.

غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج 18 اپريل تي آمريڪي يونيورسٽين ۾ شروع ٿيو، اهڙا  احتجاج پهرين نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ٿيا ۽ پوءِ آهستي آهستي ٻين آمريڪي يونيورسٽين ۾ به پکڙجي ويا.ھاڻي اهي احتجاج سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويا آھن، جنهن جي نتيجي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شاگردن وچ ۾ ڇڪتاڻ  پيدا ٿي وئي آھي.

شاگرد  اسرائيل کي ھٿيار ورڪو ڪندڙ شخصيتن ۽ ڪمپنين سان لاڳاپن تي پابندي لڳائڻ  جو مطالبو ڪري رھيا آھن.شاگردن جي اھڙي احتجاج سان دنيا جي راءِ عامھ تي وڏو اثر پئجي رھيو آھي.آسٽريليا ۾ سڊني يونيورسٽي جي شاگردن احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري آسٽريلوي وزيراعظم جي اسرائيل ۽ غزه بابت پاليسي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل سان لاڳاپيل ڪمپنين کان علحيدگيءَ اختيار ڪئي وڃي.پيرس ۾سوين شاگردن سوربون يونيورسٽي جي ٻاهران شديد احتجاج ڪيو ۽ جرمني ۾ پوليس پارليامينٽ جي ٻاهران غزه جي حمايت ۾ قائم ڪيمپن تھ تي حملو ڪري ڏنو آھي.

ڪجهھ ئي ڏينھن ۾،  بوسٽن جي اتر اوڀر يونيورسٽي، فينڪس جي ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي، بلومنگٽن ۾ انڊيانا يونيورسٽي ۽ سينٽ لوئس جي واشنگٽن يونيورسٽي ۾ احتجاج دوران تقريبن 275 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. اھو لاڙو ايترو وڌي ويو آھي جو ڪيترين ئي يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن پڻ شاگردن جي حمايت ڪئي آهيآمريڪا جي جن يونيورسٽين ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي انھن ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي، يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا، يونيورسٽي آف ٽيڪساس ايٽ آسٽن، جارج واشنگٽن يونيورسٽي، هارورڊ يونيورسٽي، ڪيليفورنيا اسٽيٽ پولي ٽيڪنڪ يونيورسٽي شامل آهن.

ان کان علاوه ايمرسن ڪاليج، نيو يارڪ يونيورسٽي، ايموري يونيورسٽي، نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي، ييل يونيورسٽي، فيشن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، سٽي ڪاليج آف نيو يارڪ، انڊيانا يونيورسٽي بلومنگٽن، مشي گن اسٽيٽ يونيورسٽي ايسٽ لانسنگ ڪيمپس ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا.آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ فلسطيني شھرين جي حمايت ۾ لڳايل حمايتي ڪئمپ تي خلاف ٿيل ڪارروائي کانپوءِ اھو سلسلو ٻين يونيورسٽين تائين پکڙيو ھو، جنھن بعد آمريڪا جي اڳواڻن پاران طاقت جي استعمال ۽ اتي ٿيندڙ ظلم خلاف ھاڻي فلسطين جي حمايت ۾ شروع ٿيل اھو احتجاج جو  سلسلو يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پکڙي رھيو آھي.

شاگرد سماج جو باشعور فرد ھوندو آھي، ھن وقت دنيا جي بھتري جي خواب ۽ مستقبل جون اميدون ھونديون آھن.باشعور ۽ آگاھي ھئڻ ڪري شاگرد بھتر ۽ ابتر ۾ فرق ڪرڻ بھ ڄاڻندو آھي.دنيا جي وڏين ۽ مشھور يونيورسٽين ۾ ھوشيار ۽ ذھين شاگرد پھچن ٿا. انھن جي راءِ کي سماج ۾ وڏي اھميت ملندي آھي.اھڙي صورتحال سبب آمريڪا ۽ اسرائيل جي انتظاميھ وائڙي ٿي وئي آھي،جڏھن تھ دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ  ان احتجاج جو عالمي راءِ عامھ تي وڏو اثر پئجي رھيو آھي.

غزه ۾ اسرائيل جي جنگ خلاف آمريڪي يونيورسٽين جو احتجاج فرانس، آسٽريليا، اٽلي ۽ ڪئناڊا تائين پهچي ويو آھي.ڪئناڊا جي ميڪ گل يونيورسٽي ۾ شاگردن احتجاجي ڪئمپون قائم ڪري ورتيون آھن.جڏھن تھ آمريڪي يونيورسٽين ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ احتجاج جاري آهي، ايلينواءِ، بوسٽن، ايريزونا ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.آسٽريليا جي سڊني يونيورسٽي ۾ 23 اپريل کان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

ھن کان اڳ ويتنام ۾ جنگ ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ قتلام خلاف بھ شاگردن احتجاج ڪندي تاريخ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو.وري 1968ع کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جو شاگرد ويٽنام جنگ دوران جنگ مخالف مظاهرا شروع ٿيا ته شاگردن کي سڪيورٽي ادارن پاران روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.

آمريڪا جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينيٽر ٽم ڪائن، آمريڪي انتظاميه کي صلاح ڏني ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فلسطين جي ھمدردي ۾ ٿيندڙ احتجاج کي روڪڻ لاءِ نيشنل گارڊ کي مقرر نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو تمام غلط عمل ھوندو.ھڪ انٽرويو ۾ سينيٽر جو چوڻ ھو شاگردن کي مصروف ڪرڻ جا ٻيا مثبت طريقا پڻ ٿي سگھن ٿا.آمريڪا ۾يونيورسٽين ۾ نيشنل گارڊ مقرر ڪرڻ بابت شروع ٿيل بحث انتظاميھ ۾ هلندڙ آھي.احتجاج هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو، انهن مان اڪثر پرامن ٻڌايو ويو آهي.

غزه جي صحت واري وزارت موجب غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 77 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.غزه ۾ اسرائيلي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ۽ ٻار ٿيا آهن، هن وقت تائين 14 هزار 500 کان وڌيڪ ٻار ۽ 9500 عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن.7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي حملن ۾ غزه ۾ 380,000 کان وڌيڪ رهائشي يونٽ ۽ 412 تعليمي ادارا تباهه ٿي چڪا آهن،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.