اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ ۽ ن ليگ جي اندروني ڇڪتاڻ

تحرير: غلام حسين لغاري

وفاقي سرڪار ۽ سياست ۾ اوچتو نوان موڙ پئدا ٿيا آهن جنهن سان ن ليگ اندروني ڇڪتاڻ طرف ويندي نظر پئي اچي۔ن ليگ قائد ميان محمد نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي صدارت سنڀالي ورتي آهي جڏهن ته اطلاع آهن ته شهباز شريف صدارت وارو منصب خوشي سان ناهي ڇڏيو پر اهي اطلاع آهن ته کائنس اهو عهدو انهي ڪري ڇڏايو ويو آهي جو هو ن ليگ کي متحد ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ بهتر سياسي نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي۔

سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته ميان محمد نواز شريف وفاق ۾ پنهنجي مرضي هلائڻ ۽ مرضي واري سرڪار هلائڻ جو ارادو رکي ٿو اهوئي سبب آهي جو وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پرڏيهه دوري تي هو سندس غيرموجودگي ۾ ڪابينه ڊويزن اسحاق ڊار جي بطورنائب وزيراعظم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري قوم کي هڪ قسم جو نياپو ڏئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ وقت جو وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ٿيندو۔هن نئين عهدي لاءِ  نه پارٽي کي نه وري اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو ويو

آئين ۾ نائب وزيراعظم جي ڪا به گنجائش ناهي۔هن کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽي کي ستر واري پاڪ ڀارت جنگ دوران نائب وزيراعظم مقرر ٿيو هو جنهن بعد جڏهن آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو هو ته ان وقت مفاهمت واري نعري هيٺ چوڌري  پرويز الاهي کي نائب وزير اعظم بڻائي خاموش ڪرايو ويو هو پر هن ڀيري اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بنائڻ جو مقصد خزاني ۽ گهرو کاتي وارن وزيرن اورنگزيب ۽ محسن نقوي کي هيٺ ڏيکارڻو آهي جيڪي سگهارن قوتن جا ماڻهو آهن ڪڏهن به جهڪي نٿا سگهن۔اسحاق ڊار خزاني واري وزارت نه ملڻ ۽ سخت مخالفت سبب ميان نواز شريف سخت مايوس ڏسڻ ۾ آيو جيڪو وزارت عظمي نه ملڻ ڪري اڳ ۾ ئي سخت مايوس ۽ ڪاوڙيل هو پر مريم کي پنجاب جي وڏ وزارت ملڻ تي عارضي طور خاموش رهيو هو پر هن وقت هو اها خاموشي ٽوڙڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ اهي امڪان به آهن ته هو طاقتور قوتن خلاف ٻيهر پنهنجو بيانيو شروع ڪري جنهن جو اهو به سبب آهي جو پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي روين ۾ نرمي آڻي طاقتورن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔سياسي حلقن موجب ڳالهيون جاري آهن۔هونئن به پي ٽي آءِ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ٽرين مارچ ۽ لاهور ۾ احتجاجي مظاهرا به ڪيا آهن ۽ شهباز شريف نرم رويو اختيار ڪيو ويٺو آهي جيڪو پڻ نواز شريف کي پسند ناهي ۽ پي ٽي آءِ قيادت کي لوهي هٿن سان چٿڻ جي نيت رکي ٿو

اسحاق ڊار جي بطور نائب وزيراعظم مقرري تي ن ليگ جي اتحادي پارٽين کي به خدشا آهن جو کين اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو ۽ هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري به اسحاق ڊار کي بطور نائب وزيراعظم تسليم ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو خاص ڪري پ پ پ کي به خدشا آهن۔چيو وڃي ٿو شيئر مطابق نائب وزيراعظم جي عهدي لاءِ  پ پ پ پنهنجو حق جتايو آهي يا اهو ڪنهن به هڪ اتحادي پارٽي کي ملڻو هو پر اتحادي ۽ مخالف ڌر آئين کي باءِ پاس ڪري نئون عهدو ڪڍڻ جي سخت مخالف آهن ٿي سگهي ته اهي اسيمبلي ۾ احتجاج به ڪن ۽ حڪومت کي نائب وزيراعظم وارو عهدو واپس وٺڻ تي مجبور ڪن

هڪ طرف ن ليگ جي ڪمزور حڪومت ٻئي طرف اعلي عدالتن جا تبديل ٿيندڙ رويا ۽ امڪاني فيصلا پي ٽي آءِ کي حوصلو ڏئي رهيا آهن۔مخالف ڌر  ۾ شامل پارٽيون جي يو آء جماعت اسلامي بي اين پي به حڪومت مخالف سخت موقف رکن ٿيون۔مولانا فضل الرحمان جو اهو بيان ته هو نائين مئي جي اصل ڪردارن کي وائکو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ن ليگ سرڪار ۾ هڪ قسم جو ڏهڪاءُ پئدا ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ به سازش ۾ شامل ڪردارن کي وائکو ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔ن ليگ حڪومت ۾ هوندي به ٻڏتر جو شڪار آهي جو اهي به امڪان آهن ته بجيٽ سيشن بعد وزيراعظم شهباز شريف بي اعتمادي جي رٿ اچي يا کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو وڃي۔بهرحال اسحاق ڊار جو غيرآئيني عهدي تي مقرر ٿيڻ جمهوريت لاءِ  ڪو سٺو سنئوڻ ناهي۔

 

هن ڀيري اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بنائڻ جو مقصد خزاني ۽ گهرو کاتي وارن وزيرن اورنگزيب ۽ محسن نقوي کي هيٺ ڏيکارڻو آهي جيڪي سگهارن قوتن جا ماڻهو آهن ڪڏهن به جهڪي نٿا سگهن۔اسحاق ڊار خزاني واري وزارت نه ملڻ ۽ سخت مخالفت سبب ميان نواز شريف سخت مايوس ڏسڻ ۾ آيو جيڪو وزارت عظمي نه ملڻ ڪري اڳ ۾ ئي سخت مايوس ۽ ڪاوڙيل هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.