ڳالهين لاءِ سڀني اقتداري ڌرين کي لچڪ ڏيکارڻ گهرجي

اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته حڪمرانن جماعتن مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ پاران اپوزيشن جي مک سياسي جماعت پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جواب ڏنو آهي ته ڳالهيون رڳو آرمي چيف ۽ ڊي جي، آءِ ايس آءِ سان ڪيون وينديون. سينيٽ ۾ ليگي اڳواڻ عرفان صديقيءَ پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف جيڪڏهن محمود اچڪزئي، مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائي سگهي ٿي ته حڪومت سان ڳالهيون ڇو نه ٿي ڪري سگهي. مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ جي ڳالهين جي آڇ جي جواب ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان  ۽ بشريٰ بي بي  خلاف انتقامي ڪارروايون انتها تي پهچي چڪيون آهن مخصوص سيٽون کسيون ويون، چونڊ مئنڊيٽ چوري ڪيو ويو، اهڙي ماحول ۾ ڪيئن  ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريديءَ چيو آهي ته اسان رڳو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان ڳالهيون چاهيون ٿا. جيڪي بااختيار آهن باقي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ پاڻ ئي انهن جون محتاج آهن.

اسان جو خيال آهي ته ڳالهين لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرس کي لچڪ ڏيکارڻي پوندي خاص ڪري ان معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي سازگار ماحول مهيا ڪرڻو پوندو انهن کي ئي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. هوڏانهن پي ٽي آءِ کي به نظرياتي طور تي پارليامينٽ کي عزت ڏيڻ گهرجي ۽ پارلياماني جماعتن سان پڻ ڳالهائڻ لاءِ لچڪ ڏيکارڻ گهرجي. ماضيءَ  ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، چونڊون ڪيئن به ٿيون، توهان جا اعتراض پنهنجي جاءِ تي پر ان باوجود هاڻي جڏهن اوهان پارليامينٽ اندر اپوزيشن جي سيٽن تي ويٺا آهيون ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته اوهان چونڊ نتيجن کي نه چاهيندي به پارليامينٽ جو حصو ٿي چڪا آهيون ۽ اپوزيشن جماعت جو ڪردار ادا به ڪري رهيا آهيو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ تقريرون ڪري اتي هڪ ٻئي سان مخاطب به ٿيو پيا ته پوءِ باقي ٺاهه لاءِ ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڇا آهي. سڄي دنيا اندر ايئن ٿيندو آهي ته مخالف نظرياتي جماعتون پارليامينٽ ۾ گڏ ويهنديون آهن ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪنديون آهن. هاڻي جڏهن پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ موجود آهي ته ان کي قانون ساز ادارن جي گُهرجن مطابق هلڻو پوندو ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻو پوندو. هڪ ٻئي کي چور ۽ ڊاڪو چئي پاڻ مٿان جڳ کلائڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو.

ايئن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جيڪڏهن واقعي به پي ٽي آءِ  سان ڳالهائڻ لاءِ سنجيده آهن ته ان حڪومت کي پي ٽي آءِ ڏانهن نرم ۽ سٺو رويو رکڻو پوندو ۽ انتقامي ڪاررواين وارو تاثر ختم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. ان معاملي ۾ حڪومت کي گهرجي ته اها پي ٽي آءِ جا جائز مسئلا حل ڪري ڏيکاري.

هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجي رويي ۾ نرمي ڏيکارڻ گهرجي ۽ پاڻ کي سياسي معاملن ۾ غير جانبدار هئڻ جو ماحول ٺاهي ڏيکارڻ گهرجي. ان حوالي سان فرض ڪريو ته پي  ٽي آءِ 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث به آهي ته ڇا ان کي معافي ڏئي ڪري ٻيو موقعو نه ٿو ڏئي سگهجي. اهو سڀ ان ڪري به ڪرڻ گهرجي جو پي ٽي آءِ به ملڪي عوام جي نمائنده جماعت آهي، ان کي ووٽ مليا آهن تڏهن ئي خيرپختوخواهه جي هڪ صوبي ۾ ان جي حڪومت آهي ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ به ان جي نمائندگي آهي.

اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته مٿي ڄاڻايل سڀ ڌريون گڏ به ويٺيون آهن، هڪ پارلياماني نظام جو حصو به آهن پر هڪ ٻئي جون دشمن به بڻيل آهن جڏهن ته اصولي ۽ جمهوري روح تحت ڏسجي ته سڀ اقتداري ڌريون ملڪ جون آهن.  نظرين ۽ پاليسين ۾ برابر اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ڪير به ملڪ دشمن ناهي ۽ نه ئي سمجهڻ گهرجي. اصل ۾ اصلاح جي هر وقت گنجائش هوندي آهي. ڪير به مڪمل ۽ عقل ڪل ناهي هوندو. مثال طور جيڪڏهن ملڪي چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿي ٿو ته ڇو نه سڀ اسٽيڪ هولڊر گڏ ٿي ان چونڊ نظام کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ لاءِ گڏ ويهن ۽ اهو تسليم ڪن ته واقعي به اسان جو چونڊ نظام صحيح ناهي جو جن جماعتن چونڊون کٽيون آهن ۽ جن کي چونڊ نتيجن تي اعتراض آهي ته سي سڀ چونڊن کي تسليم نه ٿيون ڪن ته پوءِ ڇو نه ملڪ جي چونڊ نظام کي اهڙو شفاف ڪجي جو اڳتي هلي هارائيندڙ جماعت به پنهنجي شڪست کي تسليم ڪري. مطلب ته اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي. عوام به صاف شفاف چونڊ نظام جو حامي آهي، ميڊيا به انجي قائل آهي سو برائي جي جڙ اصل ۾ اڻ شفاف چونڊن جو  نظام آهي جنهن ڪري پارليامينٽ ۽ جمهوريت مضبوط نه پئي ٿئي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ملڪي نظام پارلياماني ۽ جمهوري آهي ته ان کي پوءِ ڪمزور ڇو رکيو ويو آهي، غير جمهوري ۽ غير پارلياماني نظام ڪنهن جي حق ۾ آهي گهٽ ۾ گهٽ ملڪ جمهوري جماعتن ۽ عوام جي ته حق ۾ ناهي سو سڀني ملڪ جي اقتداري ڌرين کي ان معاملي تي پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ بهتر ملڪي نظام آڻڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وقت جي اصل ۾ اها ئي گهرج آهي تنهن ڪري اسان به سوچيو سي ته سڀني اقتداري ڌرين کي صلاح ڏجي ته هاڻي نئين سري سان ملڪي نظام هلائڻ لاءِ ماضيءَ کي وساري نئين جمهوري روايتن جا بنياد وجهو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.