وزيراعظم جي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات، معاشي معاملن تي ڳالهيون

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۾ وفد سان گڏ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي معاملن بابت گفتگو ڪئي وئي.
ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس لاءِ سعودي عرب ۾ موجود وزيراعظم شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر الجاسر سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فعال آهي.
هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي ڀائيواري، نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي.
اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اداري جو باني رڪن ۽ انتهائي اهم ميمبر آهي، الله پاڪ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي ۽ آبي وسيلن سان نوازيو آهي.
ڊاڪٽر الجاسر چيو ته پاڪستان وٽ تمام وڏي افرادي قوت آهي، جنهن مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو، پاڪستان جي خوشحالي ۽ بهترين لاءِ دعاڳو آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.