جسٽس بابر ستار بابت سوشل ميڊيا مهم بدنيتي تي ٻڌل آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي جسٽس بابر ستار خلاف هلندڙ مهم کي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهي ڄاڻ کي سوشل ميڊيا تي هر هر پوسٽ ڪيو ويو، پوسٽ ۾ معزز جج، سندس گهرواري ۽ ٻارن جا سفري دستاويز به شامل آهن، جسٽس بابر ستار جي گهرواري ۽ ٻارن جا سفري دستاويز، نجي ڄاڻ بي بنياد الزامن سان گڏ پکيڙي پئي وڃي.
پڌرائيءَ موجب جسٽس بابر ستار جي پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ جي شهريت ڪڏهن نه رهي، جسٽس بابر ستار آڪسفورڊ يونيورسٽي، پوءِ هارورڊ لا اسڪول مان گريجوئيشن ڪئي، هن آمريڪي لا فرم سان وڪيل طور ڪم ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۾ جسٽس بابر ستار کي غير معمولي صلاحيتن تي مستقل شهريت مطلب گرين ڪارڊ ڏنو ويو، جسٽس بابر ستار 2005 ۾ آمريڪا مان پاڪستان آيو ۽ تڏهن کان پاڪستان ۾ ئي ڪم ڪيائين ۽ رهي ٿو.
پڌرائيءَ موجب جسٽس بابر ستار جي گهرواري ۽ ٻار پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻٽي شهريت رکن ٿا، سندس گهرواري ۽ ٻار 2021 تائين آمريڪا ۾ رهيا، جسٽس بابر ستار جا گهرڀاتي 2021 ۾ ان جي جج مقرر ٿيڻ تي وطن واپس آيا، هاڻ اسلام آباد ۾ رهن ٿا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس بابر ستار پنهنجي مقرري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پنهنجي آمريڪي شهريت کان آگاهه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.