گيري ڪرسٽن وائٽ بال ۽ جيسن گليسپي ريڊ بال فارميٽ لاءِ قومي ٽيم جا هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) قومي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ريڊ بال فارميٽ لاءِ جيسن گليسپي جڏهن ته وائٽ بال لاءِ گيري ڪرسٽن کي پاڪستاني ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٽنهي فاميٽس جي ڪوچز جي تقرري جو مدو 2 سال رکيو ويو، جيسن گليسپي بنگلاديش ۽ گيري ڪرسٽن انگلينڊ جي دوري دوران پاڪستان اسڪواڊ کي جوائن ڪندو.
گيري ڪرسٽن انڊين پريميئر ليگ ۾ پنهنجي اسائنمنٽ مڪمل ڪرڻ بعد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پهريان ئي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پنهنجي ذميواري سنڀاري وٺندو.
گيري ايندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025، ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ، 2026 ۾ انڊيا ۽ سري لنڪا ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به قومي ٽيم جو انچارج هوندو.
جيسن گليسپي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئنز شپ جي سلسلي ۾ بنگلاديش خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪري پنهنجي ذميواري سنڀاريندو.
تازو مقرر ٿيل ڪوچز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته پي سي بي جي مهرباني جنهن اسان جي صلاحيتن تي اعتماد ڪيو، پاڪستان دنيا جي وڏي ڪرڪيٽ ٽيم آهي انڪري ڪوچنگ اعزاز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.