پي ٽي آءِ جو عمران خان جي آزادي لاءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني پي ٽي آءِ عمران خان جي آزادي لاءِ اعلانيل ٽرين مارچ ڪراچي کان سکر جي لاءِ روانو ٿي ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ شهيب شاهين جي اڳواڻي ۾ ٽرين مارچ ڪراچي کان روانو ٿيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته تنظيم سازي جي سلسلي ۾ سنڌ جو دورو ڪري رهيا آهيون، ڪراچي کان نڪتل ٽرين مارچ سکر پهچي ختم ٿي ويندو.
اڳواڻن چيو ته عمران خان جي آزادي لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکنداسين، سموري قوم اڄ پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺل آهي.
ڪراچي کان نڪتل مارچ جو ڪارڪنن مختلف اسٽيشنز تي استقبال ڪري اڳواڻن مٿان گل نڇاور ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.