پ پ سنڌ جي زمين ڊي ايڇ اي کي وڪڻي قومي ڏوهه ڪيو آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري سنڌي قوم جو قومي وجود داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي تحفظ بدران اقتدار جي هوس ۽ لالچ ۾ اچي سنڌ جي وسيلن تي غيرجمهوري قوتن طرفان لڳندڙ ڌاڙن ۾ سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هنن چيو ته هڪ لک ۾ سئو ويهه گز جو پلاٽ به نٿو ملي پر سنڌ حڪومت ملير ضلعي جي 200 ايڪڙ زمين لک روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڊي ايڇ اي کي ڏئي سنڌي قوم ۽ پنهنجي ووٽرن سان ويساهه گهاتي ڪري قومي ڏوهه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ صدين کان ويٺل سنڌين کي هڪ به پلاٽ  نٿو ڏنو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڊي ايڇ اي کي ملير ضلعي جون ڀڳڙن مٺ تي ڏنل زمينون واپس وٺي مقامي سنڌين کي ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.