حيدرآباد ۾ ترقي پسند جمهوري پارٽين پاران 27 اپريل تي امن مارچ ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ماڻهن جي اغوا وارن واقعن، ڦرن، ڌاڙن، صحافي جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند، استاد الله رکيو نندواڻي ۽ ٻين بيگناهه ماڻهن جي قتلن. هندو برادري جي نياڻين کي اغوا ڪري زوري سندن مذهب تبديل ڪرائڻ جهڙن واقعن خلاف ۽ معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي جي لاءِ ترقي پسند جمهوري پارٽين ۽ سماج سڌارڪ ڌرين پاران گڏيل طور تي 27 اپريل تي حيدرآباد ۾ امن مارچ ڪيو ويندو. عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، نيشنل پارٽي، وطن دوست جمهوري پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران 27 اپريل تي رٿيل امن مارچ منجهند جو 2 وڳي اولڊ ڪيمپس کان شروع ڪيو ويندو جيڪو حيدر چوڪ کان ٿيندو پريس ڪلب پهچندو. جتي اڳواڻ خطاب ڪندا. امن مارچ ۾ شرڪت جي لاءِ دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي امن مارچ جو حصو ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.