وزيراعظم آڏو وڏي وزير شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، اوڳاڙيون نه ڪرڻ جو چتاءُ

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ حڪومت طرفان هڪ دفعو ٻيهر وفاق طرفان سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي بند ڪرڻ، انهن ۾ ڪن جي سست رفتار ۽لاپرواهي ، وفاق طرفان صوبي لاءِ جاري ڪندڙ پئسن ۾ ڪٽوتي جو  باقاعدا ڪيس رکيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ايف بي آر ڪٽوتيون بند نه ڪيون ته سنڌ اڳتي ودهولڊنگ ٽئڪس گڏ نه ڪندي. جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف سنڌ حڪومت کي يقين ڏياريو ته اهي سڀ مسئلا ترت حل ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ ڪالهه وزيراعلي هائوس ۾ ملڪ جي وزيراعظم ميان شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل  هڪ اعلي سطح جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي آگاه ڪندي چيو ته 23-2022ع جي بجيٽ ڪاٿي ۾ صوبائي حڪومت جو حصو 1078.187 ارب رپيا هو جنهن مان سنڌ کي 1050.167 ارب رپيا مليا جيڪو 28.030 ارب رپين جو شارٽ فال آهي. جولاءِ 2023ع ۾ 4.383 ارب رپيا ۽ اپريل 2024ع ۾ 3.801 ارب رپيا مليا پر تنهن هوندي به وفاقي حڪومت سنڌ کي 19.846 ارب رپيا جاري ڪرڻا آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته  هلندڙ مالي سال 24-2023 (جولاءِ 2023ع کان اپريل 2024ع) دوران سنڌ حڪومت جي بجيٽ شيئر جو ڪاٿو 1092.416 ارب رپيا آهي. سنڌ حڪومت کي 1009.559 ارب رپيا مليا آهن جنهن ۾ 82.857 ارب رپين جو شارٽ فال آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير لاءِ 500 ملين ڊالرز جي فنڊنگ ڪئي هئي، رهيل رقم وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي اڌواڌ جي بنياد تي ڏيڻي هئي. صوبائي حڪومت پنهنجي حصي جا 25 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ وفاق کي هلندڙ مالي سال ۾ جاري ڪرڻا آهن. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير تي 11917 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت 50 سيڪڙو لاڳت جي خاطري ڪرائي آهي. هلندڙ مالي سال دوران وفاقي حڪومت کي 2000 ملين رپين جو واعدو پورو ڪرڻو هو پر اڃا تائين ڪجهه به جاري ناهي ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت 200 ملين ڊالر، آءِ ايس ڊي بي ۽ اي ڊي بي جا 400 ملين ڊالر سميت 40 ملين ڊالرن  تي سنڌ حڪومت جي حصي تي ڳالهائيندي وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ مٿان مالي ٻوجهه 50 سيڪڙو گهٽايو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن وقت پي ايس ڊي پي ۾ 144.743 ارب رپين جون فقط 19 اسڪيمون شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن سال وفاقي حڪومت 53.124 ارب رپيا رکيا آهن جنهن مان رڳو 12.079 ارب رپيا استعمال ٿيا آهن. وڌيڪ چيو ته 19 مان 11 اسڪيمن اڃا تائين ڪابه رقم جاري نه ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت 24-2023 جي اسڪيمن کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي سنڌ حڪومت 55 اسڪيمون پيش ڪيون پر رڳو چئن کي منظور ڪري پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو پر وفاقي حڪومت هڪ به اسڪيم نه شروع ڪئي نه پئسو ڏنو . وڏي وزير، وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس حڪومت پي ايس ڊي پي 25-2024 ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 426.759 ارب رپين جون 50 نيون اسڪيمون پيش ڪيون آهن. هن وزيراعظم کي گذارش ڪئي ته 25-2024 لاءِ 108.557 ارب رپيا رکيا وڃن ته جيئن ايندڙ سال ان تي صحيح نموني ڪم ڪري سگهجي. KB فيڊر لائننگ: وڏي وزير چيو ته ڪي بي فيڊر منصوبي جي لائيننگ لاءِ 39942 ملين رپيا هئا. ان لاءِ وفاق پي ايس ڊي پي ۾ 3000 ملين رپيا رکيا آهن پر اڃا تائين ڪجهه به جاري نه ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 306 ڪلوميٽر ڇهه لائينن تي ٻڌل ايگزٽ ڪنٽرولڊ فينسڊ موٽر وي پروجيڪٽ/حيدرآباد-سکر موٽر وي جي تعمير اصل ۾ سي پيڪ ۾ شامل هئي پر بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. ايڪنيڪ پاران جولاءِ 2020 ۾ 165.67 ارب رپين جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي جنهن تي مئي 2021 ۾ 191.47 ارب رپين جي لاڳت سان نظرثاني ڪئي وئي. آخرڪار منصوبي جو ڪم اين ايڇ اي پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 308.194 ارب رپين ۾ ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته تازو ئي خبر پئي ته منصوبي کي ٻيهر ختم ڪيو ويو آهي ڇوته رعايت ڏيندڙ مالي فنڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. وڏي وزير وزيراعظم کي گذارش ڪئي ته اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي وڃي ته هو ايندڙ مالي سال ۾ منصوبو شروع ڪري ۽ اين 55 منصوبي جي منظوري 2017ع ۾ 14 ارب رپين جي لاڳت سان ڏني وئي سنڌ حڪومت تي زور ڀريو ويو هو ته ان منصوبي جي لاڳت جو 50 سيڪڙو يعني 7 ارب رپيا ادا ڪري، جيڪا اسان 2017ع ۾ ادا ڪئي هئي پر منصوبي تي دير ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت جا فنڊ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن. وزير اعظم شهباز شريف  صوبائي حڪومت وٽ موجود بسن جي تعداد ۾ وڌيڪ 150 بسون شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف وزير رٿابندي احسن اقبال، وزير ناڻو محمد اورنگزيب ۽ سيڪريٽري مواصلات کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ جي وڏي وزير يا سندس ٽيم سان ملاقاتون ڪن ته جيئن سمورن التوا هيٺ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته هو سنڌ ۾ ان لاءِ آيو آهي ته جيئن سمورا پراڻا مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن ترقياتي منصوبا اڳتي وڌي سگهن ۽ مالي مسئلا به حل ٿي سگهن.هن  ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت جي ٽيم ميمبرن سان ملاقات ڪري مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري جلد حل ڪن حيدرآباد سکر موٽر وي (M-6): معاملي تي وزارت مواصلات سان ڳالهائيندو ۽ معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم اين ايڇ اي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ  اين-55 تي ڪم تيز ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن فنڊ جاري ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو . ڪراچي سرڪيولر منصوبو KCR تي وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته نظرثاني ٿيل فزيبلٽي اسٽڊي 2023ع ۾ وفاقي حڪومت جي مشوري تي شروع ڪئي وئي هئي ۽ ان کي 4 مئي 2023ع تي اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ عوامي جمهوريه چين جي ٽرانسپورٽ واري وزارت سان شيئر ڪيو ويو هو. مراد علي شاهه وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سي پيڪ تحت ڪي سي آر تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ معاهدي جي سهولت لاءِ لاڳاپيل وزارت کي حڪم ڏنو وڃي. هن وزيراعظم کي اها پڻ درخواست ڪئي ته ريلوي واري وزارت کي هدايت ڪئي وڃي ته هو ڪي سي آر جو رائٽ آف وي (RoW) سنڌ حڪومت حوالي ڪري. ان تي وزيراعظم شهباز شريف رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي هدايت ڪئي ته ڪي سي آر منصوبي کي شروع ڪيو وڃي ۽ ان جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته جيئن ان تي عمل ٿي سگهي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ وزيراعظم کي ڪراچي لاءِ 300 بسون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ٽرانسپورٽ کاتي جي موجوده ٻيڙي ۾ وڌيڪ 150 بسون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. و 52 ارب رپين جي K-IV اضافي ڪمن لاءِ PC-1 جون 2022 ۾ سي ڊي ڊبليو پي لاءِ پلاننگ ڪميشن کي جمع ڪرايو ويو. پي سي ون جي تعميل کانپوءِ ٻيهر جمع ڪرايو. CDWP آگسٽ 2023  ۾ ECNEC لاءِ PC-1 جي منظوري ڏني هئي پر منصوبي لاءِ ڪليئرنس جو اڃا انتظار آهي. 275 ارب ڊالرن جي ٻوڏ جي بحالي واري پروگرام تحت سنڌ جي اسڪولن جي بحاليءَ جو منصوبو رٿابندي ڪميشن جي منظوري هيٺ آهي. آگسسٽ 2023 کان سي ڊي ڊبليو پي لاءِ 59853 ملين رپين جو رهڻ لائق سٽي ڪراچي (CLICK) پراجيڪٽ التوا هيٺ آهي. سنڌ بئراج امپروومينٽ پروجيڪٽ فيز-2 – سکر بئراج جي مرمت، گڊو بئراج لاءِ 74618.340 ملين رپيا اٿارٽي وٽ التوا هيٺ آهن.  105 ملين ڊالرن جو سالڊ ويسٽ ايمرجنسي/ايفيشنسي پروجيڪٽ مارچ 2024ع کان سي ڊي ڊبليو پي جي پلاننگ ڪميشن وٽ پڻ التوا هيٺ آهي. وڏي وزير چيو ته لياري ايڪسپريس وي پروجيڪٽ لياري ندي جي ڪناري تي 16.5 ڪلوميٽر ٻن لين تي ٻڌل آهي. هي پروجيڪٽ پهريان هيوي ٽريفڪ لاءِ ٺاهيو ويو هو پر هاڻي اهو رڳو عام ٽريفڪ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي گذارش ڪئي ته اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي وڃي ته لياري ايڪسپريس وي تي هيوي ٽريفڪ هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني ۾ گهٽتائي اچي سگهي. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو مسئلو حل ڪري. وزيراعظم سنڌ ۾ هڪ بهترين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) يونٽ قائم ڪرڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي واکاڻ ڪئي جنهن 62412 ملين رپين جا 10 منصوبا، 142467 ملين رپين جا پنج منصوبا ايڊوانس اسٽيج تي ۽ 10 ٻيا منصوبا مڪمل ڪيا آهن. سيڙپڪارن جي درخواست تي 267,000 ملين رپيا  جا ٻيا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم نه رڳو پاڻ تاڙيون وڄايون پر سمورن شرڪت ڪندڙن کان وڏي وزير مراد علي شاهه لاءِ پڻ تاڙيون وڄايون. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته جون 2016ع ۾ ايف بي آر 5.427 ارب رپيا ود هولڊنگ ٽيڪس جي هڪ غلط اخباري رپورٽ جي بنياد تي ڪٽيا. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت 4 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ايف بي آر جي مختلف قانوني فورمن تي اپيلون ڪيون ۽ آخرڪار 29 سيپٽمبر 2020 تي آرڊر مليو جنهن ۾ 421 ملين رپيا واجب الادا وصول ڪيا ويا جڏهن ته 5 ارب رپيا واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو پر واپس نه ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت معاملو سي سي آءِ وٽ کڻي ويو. نومبر 2020ع ۾ ٿيل سي سي آءِ اجلاس جي نتيجي ۾ ايف بي آر پاران هڪ ارب رپيا واپس ڪيا ويا جڏهن ته باقي رقم 19 مارچ 2021ع جي ايندڙ آرڊر ۾ مختلف سالن (18-2015) جي مطالبي مطابق ترتيب ڏني وئي. 8 سالن جي غير ضروري مقدمن کانپوءِ، سنڌ حڪومت ڪورٽ آف ڪمشنرز (اپيلز) ۾ سموريون اپيلون کٽي ورتيون ۽ ايف بي آر جي دعويٰ کي رد ڪيو ويو ۽ مارچ 2024ع ۾ 5 اپيلن ۾ سنڌ حڪومت جي 5.427 ارب رپين جي دعويٰ کي ختم ڪيو ويو. مراد علي شاهه وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته 14 جون 2016ع کان ان تاريخ تائين لاڳو وياج جي شرح سان سنڌ حڪومت کي 4.427 ارب رپيا واپس ڪيا وڃن، ان جو ڪريڊٽ سنڌ حڪومت کي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 14 جون 2016ع کان 25 جنوري 2021ع تائين هڪ ارب رپين جو وياج ادا ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ايف بي آر پهرين جولاءِ 2024ع کان ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ سي وي ٽي ڪليڪشن جا پنهنجا انتظام ڪري ڇوته صوبائي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو ان جو ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ سي وي ٽي ڪليڪشن ايجنٽ نٿو ٿي سگهي. ان تي وزيراعظم چيئرمين ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت سان سندن سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.